حيدرآباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ واقع اسماعيلي جماعت خاني جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ذوالفقار خواجه، ثاقب پيرواني (صدر ڪائونسل حيدرآباد ۽ ٻين سندن گرمجوشي سان استقبال ڪيو، جتي هنن جماعت خاني جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي گڏيل دلچسپي جي معاملن، بين المذاهب هم آهنگي، امن امان ۽ ڪميونٽي سان پوليس …
ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد پاران مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ واقع اسماعيلي جماعت خاني جو دورو

مزید خبریں
حيدرآباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ واقع اسماعيلي جماعت خاني جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ذوالفقار خواجه، ثاقب پيرواني (صدر ڪائونسل حيدرآباد ۽ ٻين سندن گرمجوشي سان استقبال ڪيو، جتي هنن جماعت خاني جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي گڏيل دلچسپي جي معاملن، بين المذاهب هم آهنگي، امن امان ۽ ڪميونٽي سان پوليس جي سهڪار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊي آءِ جي پي طارق رزاق ڌاريجو ان موقعي تي جماعت خاني ۾ حفاظتي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو. ڊي آءِ جي پي حيدرآباد رينج چيو ته سنڌ پوليس سمورن مذهبن ۽ مڪتبه فڪر جي عبادتگاهن جي تحفظ ۽ پرامن ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجيون ذميواريون پوريءَ ريت نڀائي رهي آهي، جڏهن ته ڪميونٽي سان مضبوط لاڳاپن ۽ گڏيل اعتماد کي وڌائڻ کي پڻ خاص اهميت ڏني پئي وڃي.











