صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر پاران ٽنڊوڄام ۾ جديد زرعي تحقيقي ليبارٽرين جو باقاعده افتتاح

حيدرآباد-28 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي زراعت بابت وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ ۾ زرعي تحقيق کي جديد سائنسي بنيادن تي آڻڻ، زرعي معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان فصلن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت اهم قدم کنيا آهن. اهڙو اظهار صوبائي وزير ٽنڊوڄام ۾ جديد زرعي تحقيقي ليبارٽرين جو باقاعده افتتاح ڪندي ڪيو. انهن ليبارٽرين جي قيام جو بنيادي مقصد ڪيلي جي فصل کي تباهه ڪن خطرناڪ پاناما وِلٽ …

حيدرآباد-28 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي زراعت بابت وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ ۾ زرعي تحقيق کي جديد سائنسي بنيادن تي آڻڻ، زرعي معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان فصلن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت اهم قدم کنيا آهن. اهڙو اظهار صوبائي وزير ٽنڊوڄام ۾ جديد زرعي تحقيقي ليبارٽرين جو باقاعده افتتاح ڪندي ڪيو. انهن ليبارٽرين جي قيام جو بنيادي مقصد ڪيلي جي فصل کي تباهه ڪن خطرناڪ پاناما وِلٽ بيماري جي بروقت سڃاڻپ ۽ اسپيڊ بريڊنگ ٽيڪنالاجي وسيلي موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ، وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ ڪڻڪ جون نيون جنسون تيار ڪرڻ آهي. افتتاحي تقريب ۾ سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو، ڊپٽي سيڪريٽري خادم ٻرڙو، ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ريسرچ سنڌ ڊاڪٽر مظهرالدين ڪيريو، آبادگار اڳواڻ محمود نواز شاهه، نديم شاهه ڄاموٽ، زرعي سائنسدانن ۽ کاتي جي ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير زراعت کي زرعي تحقيق جي ڪارڪردگي، جاري منصوبن ۽ خاص طور تي سواٽ منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. تقريب کي خطاب ڪندي ۽ بريفنگ دوران وزير زراعت سردار محمد بخش مهر آبادگارن لاءِ وڏي رليف جو اعلان ڪندي چيو ته فصلن جي بيمارين جي تشخيص لاءِ ڪنهن به قسم جي فيس وصول نه ڪئي ويندي ۽ اها سهولت مڪمل طور مفت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته جديد ماليڪيولر اسٽڊي ذريعي ڪنهن به بيماري يا وائرس جي سڃاڻپ صرف ٻن ڪلاڪن اندر ممڪن بڻائي ويندي، جڏهن ته جديد اوزارن سان ليس هن ليبارٽري ۾ هڪ ئي وقت 90 زرعي نمونن جي جاچ ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. وزير زراعت چيو ته ڪيلي جي پاناما بيماري تي ضابطو آڻڻ لاءِ سائنسي بنيادن تي تحقيقي منصوبو شروع ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت موسمياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسپيڊ بريڊنگ ٽيڪنالاجي اختيار ڪئي پئي وڃي، جيئن ڪڻڪ جا اهڙا جديد قسم تيار ڪري سگهجن، جيڪي گهٽ وقت ۾ ۽ سخت موسمي حالتن ۾ به بهتر پيداوار ڏين. سردار محمد بخش مهر خبردار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ جعلي زرعي دوائن ۽ ڀاڻ جو ڪاروبار ڪندڙ مافيا خلاف بنا فرق جي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. هن چيو ته آبادگارن جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ ۽ سندن مفادن جو تحفظ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هِن چيو ته سائنسي تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي واڌاري سان نه رڳو سنڌ جو زرعي شعبو وڌيڪ مضبوط ٿيندو، پر صوبي ۾ خوراڪ جي تحفظ ۽ پائيدار زرعي ترقي لاءِ به نوان رستا کلي پوندا. جڏهن ته صوبائي وزير زراعت سردار محمد بخش مهر صوبي جي مختلف ضلعن مان آيل هارين ۽ آبادگارن سان کليل ڪچهري پُڻ ڪئي، جتي هن سندن مسئلا ٻڌا ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي انهن جي حل لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته وڏن آبادگارن سان گڏ ننڍن آبادگارن کي به اڳتي آندو وڃي. هن چيو ته زرعي شعبي ۾ پاڻي جي کوٽ وڏو مسئلو آهي، تنهن ڪري اهڙو نظام اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان پاڻي جي بچت به ٿئي ۽ في ايڪڙ پيداوار ۾ به اضافو اچي. سردار محمد بخش مهر چيو ته ڪليڪٽوز ايڪٽ سان ننڍن آبادگارن کي فائدو پهچندو، جڏهن ته جعلي زرعي دوائن، ٻج ۽ غير معياري زرعي شين جي وڪري ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن واضح ڪيو ته آبادگارن جا حق ڦٻائيندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جعلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪيتريون ڪارروايون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن آفيسر اهڙن عنصرن خلاف ڪارروائي نه ڪندا ته اينٽي ڪرپشن کاتي کي انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويندي.اي