بيروت-28 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو آهي ته لبنان ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ شهرين کي وڏي پيماني تي نقصان پهتو آهي. اهي ڪارروايون امڪاني طور تي جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي سگهن ٿيون. لبنان ۾ پنهنجي 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري جي آخر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وولڪر ترڪ چيو ته سندس آفيس عالمي …
لبنان ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين سبب شهرين کي وڏي پيماني تي نقصان پهتو آهي: گڏيل قومون
بيروت-28 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو آهي ته لبنان ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ شهرين کي وڏي پيماني تي نقصان پهتو آهي. اهي ڪارروايون امڪاني طور تي جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي سگهن ٿيون. لبنان ۾ پنهنجي 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري جي آخر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وولڪر ترڪ چيو ته سندس آفيس عالمي انساني قانون جي وڏي پيماني تي خلاف ورزين کي دستاويزي شڪل ڏني آهي.جن مان ڪجهه امڪاني طور تي جنگي ڏوهن جي برابر آهن. گڏيل قومن جي اطلاعاتي مرڪز مان جاري ڪيل بيان موجب هن چيو ته لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حملن، گولاباري ۽ ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ ڌماڪيدار هٿيارن جي استعمال سبب شهرين جو وڏو انگ مارجي ۽ زخمي ٿي پيو آهي ۽ وڏي پيماني تي تباهي ٿي ۽ لکين ماڻهون بي گهر ٿيا آهن. وولڪر ترڪ اهو به اعلان ڪيو ته هڪ غير جانبدار ۽ آزاد جائزه مشن 2 مارچ کان جاري تڪرار دوران سمورين ڌرين پاران مبينه خلاف ورزين بابت معلومات ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن. هن لبنان جي اختيارين جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته 2 مارچ کان هاڻي تائين لبنان ۾ 4300 کان به وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 12200 کان به وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن جن ۾ 135 کان وڌيڪ طبي عملي جا ميمبر، صحافي ۽ ميڊيا جا ڪارڪن به شامل آهن.












