بدين- 28 جولاءِ (اي پي پي) بدين جي سوشيو پوليٽيڪل ڊومين بابت ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي مختلف لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي چيو ته سوشيو پوليٽيڪل ڊومين جو مقصد ضلعي ۾ سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ، نوجوانن ۾ ذميواري …
بدين جي سوشيو پوليٽيڪل ڊومين بابت ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
بدين- 28 جولاءِ (اي پي پي) بدين جي سوشيو پوليٽيڪل ڊومين بابت ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي مختلف لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي چيو ته سوشيو پوليٽيڪل ڊومين جو مقصد ضلعي ۾ سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ، نوجوانن ۾ ذميواري جو احساس پيدا ڪرڻ ۽ کين مثبت، تعميري ۽ تخليقي سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ آهي. هن چيو ته نوجوان ڪنهن به معاشري جو قيمتي اثاثو آهن، تنهن ڪري انهن کي تعليم، راندين، ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي هن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميه، ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽيون، تعليم، راندين، سماجي ڀلائي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي گڏيل سهڪار سان نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، منشيات، انتهاپسندي ۽ ٻين سماجي برائين کان بچائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. هن زور ڀريو ته عوامي شعور، رضاڪاراڻين خدمتن ۽ ڪميونٽي جي شموليت ذريعي نوجوانن کي سماج جي ترقيءَ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هر تعلقي ۾ باقاعدگي سان راندين جا مقابلا، وڻڪاري مهمون، مطالعي جي فروغ لاءِ لائبريرين جون سرگرميون، صفائي مهمون، سيمينار، آگاهي واڪ سميت سماجي پروگرامن جو انعقاد يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽيون هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ ٻه عوامي ڀلائي جا پروگرام منعقد ڪري پنهنجي ڪارڪردگي جي رپورٽ ضلعي انتظاميه کي پيش ڪن. اجلاس ۾ مختلف کاتن جي نمائندن پنهنجي تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته نوجوانن جي ڀرپور شموليت سان سماجي هم آهنگي، امن ۽ ترقي کي وڌيڪ هٿي ملي سگهي ٿي گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڊي اي او منور علي ميمڻ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر چائلڊ پروٽيڪشن دين محمد ڏيرو، مختلف تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽين جي نمائندن سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.











