اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ ٻُوسٽ واري رهندي، جڏهن ته اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن تي ڪمزور اولهه وارين هوائن جو …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ ٻُوسٽ واري رهندي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ ٻُوسٽ واري رهندي، جڏهن ته اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن تي ڪمزور اولهه وارين هوائن جو سلسلو موجود آهي. عربي سمنڊ مان ڪمزور گهميل هوائون ملڪ جي اتر اوڀر علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن (اڄ) اڱاري ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ ٻُوسٽ واري رهندي، جڏهن ته مٿانهين پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ ٻُوسٽ واري رهندي. ڇور، اوڪاڙه ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد نوڪنڊي، دالبندين ۽ دادو ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











