سنڌ جي وڏي وزير پاران گلستان جوهر ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتريءَ لاءِ ڪراچيءَ جي ميئر کي هدايت

ڪراچي- 27 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گلستان جوهر ۾ رستن جي خراب حالت ۽پاڻي جي نيڪال جي مسلسل مسئلن جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ فوري اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير علائقي ۾ نقصان ڏيندڙ مکيه شاهراهن ۽ اندروني رستن جي فوري …

ڪراچي- 27 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گلستان جوهر ۾ رستن جي خراب حالت ۽پاڻي جي نيڪال جي مسلسل مسئلن جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ فوري اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير علائقي ۾ نقصان ڏيندڙ مکيه شاهراهن ۽ اندروني رستن جي فوري بحاليءَ جو حڪم ڏنو ۽ ميئر کي هدايت ڪئي ته هو گلستان جوهر ۾ جاري ترقياتي ۽ مرمتي ڪمن جو ذاتي طور تي جائزو وٺي. مراد علي شاهه ميئر کي رستن جي مرمت، ڊرينيج جي مسئلن ۽ سيوريج لائنن جي صفائي بابت فوري رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ترقياتي سرگرمين جي ڪري رهواسين ۽ اچ وڃ ڪندڙن کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير چيو شهرين کي اچ وڃ جون بهتر سهولتون ۽ صاف ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ وڌيڪ چيو ته سمورن لاڳاپيل ادارن کي علائقي ۾ ڊرينيج ۽ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ هنگامي اپاءَ وٺڻ گهرجن. هن گلستان جوهر جي رهواسين کي يقين ڏياريو ته سندن خدشن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.

مزید خبریں