اسلام آباد - 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ميڊيا انڊسٽري کي هن وقت درپيش مالي مشڪلاتن جو بنيادي سبب 2019ع جون پاليسيون آهن جن جي ڪري ميڊيا ادارن جي لاءِ دستياب مالي گنجائش ۾ نمايان گهٽتائي آئي جنهن جا اثر اڄ به برقرار آهن، گذريل حڪومت جي دور ۾ پريس ڪلبن جا فنڊز محدود جڏهن ته ٽي وي …
ميڊيا انڊسٽري کي هن وقت درپيش مالي مشڪلاتن جو بنيادي سبب 2019ع جون پاليسيون آهن جن جي ڪري ميڊيا ادارن جي لاءِ دستياب مالي گنجائش ۾ نمايان گهٽتائي آئي جنهن جا اثر اڄ به برقرار آهن: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ميڊيا انڊسٽري کي هن وقت درپيش مالي مشڪلاتن جو بنيادي سبب 2019ع جون پاليسيون آهن جن جي ڪري ميڊيا ادارن جي لاءِ دستياب مالي گنجائش ۾ نمايان گهٽتائي آئي جنهن جا اثر اڄ به برقرار آهن، گذريل حڪومت جي دور ۾ پريس ڪلبن جا فنڊز محدود جڏهن ته ٽي وي چينلز جي سرڪاري اشتهارن جا اگهه تائين گهٽ ڪيا ويا جنهن سان ميڊيا انڊسٽري کي مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، موجوده حڪومت جي دور ۾ ڪنهن به ٽي وي چينل يا اخبار جا سرڪاري اشتهار بند ناهن ڪيا ويا، حڪومت صحافين ۽ ميڊيا ادارن کي درپيش مالي مشڪلاتن جي حل ۽ ميڊيا انڊسٽري جي استحڪام جي لاءِ نئين پاليسي متعارف ڪرائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن هتي نيشنل پريس ڪلب جي ويب سائيٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر رئيسه عادل، سينيئر صحافي حاجي نواز رضا، نيشنل پريس ڪلب جو صدر عبدالرزاق سيال، سيڪريٽري ڊاڪٽر فرقان رائو سميت پريس ڪلب جا ٻيا عهديدار ۽ صحافين جو وڏو انگ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نيشنل پريس ڪلب ۾ خوش اسلوبي سان هڪ گورننگ باڊي کان ٻي گورننگ باڊي کي ذميواريون منتقل ٿيون، چونڊون انتهائي خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ ٿيون جيڪو سياستدانن جي لاءِ قابل تلقيد مثال آهي. وفاقي وزير چيو ته نيشنل پريس ڪلب رڳو فيڊريشن جو حصو نه آهي پر انتهائي اهم ادارو آهي. عطاءُ الله تارڙ ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر رئيسه عادل کي بطور ڊي جي آءِ پي ونگ اسلام آباد ٽاڪس دوران بهترين انتظام ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اسلام آباد ڳالهه ٻولهه دوران صحافين جي لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا هئا جڏهن ته ان تقريب کي عالمي سطح پڻ ساراهيو ويو جنهن سان پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ٿيو. وفاقي وزير چيو ته ڊيجيٽائيزيشن طرف وڌڻ بهتر ۽ اهم قدم آهي، اها ئي مستقبل جي ضرورت آهي. ويب سائيٽ ۽ فهرست کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ته نيشنل پريس ڪلب جو ويزن سڌارن ۽ جدت تي ٻڌل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير نيشنل پريس ڪلب جي لاءِ ڊيجيٽل ليب قائم ڪرڻ کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي ڊيجيٽل ليب جي لاءِ هال مخصوص ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ۾ پڻ ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڊيجيٽل ليب قائم ڪئي وئي آهي جتي پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو پڻ تيار ڪيو ويو آهي. ان سهولت جي ذريعي ماڻهو پنهنجو ريليز رڪارڊ ۽ رپورٽ فائيل ڪري سگهن ٿا. اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب جي اندر به اهڙي سهولت موجود هجڻ گهرجي ڇو ته اها وقت جي ضرورت آهي ۽ ڊيجيٽل دور ۾ ان کانسواءِ اڳتي وڌڻ ممڪن نه آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته حڪومت جي ڪوشش هوندي آهي ته ميڊيا ادارن جون رهتون وقت سر ادا ڪيون وڃن، حڪومت ميڊيا ادارن کان اها خاطري ورتي آهي ته جڏهن به انهن جي رهتن جي ادائيگي ٿيندي ته سڀ کان پهرين ملازمن جو حق ادا ڪيو ويندو ۽ انهن جون التوا هيٺ پگهارون جاري ڪيون وينديون. هن چيو ته حڪومت اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن ۾ ميڊيا ادارا مالي طور تي مستحڪم رهن ۽ صحافي برادري کي رزوگار جا بهتر موقعا ملي سگهن. وفاقي وزير چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا جي اهميت پنهنجي جڳهه تي آهي تنهن هوندي به پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي پنهنجي اهميت برقرار آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ايندڙ خبرن جو وڏو حصو اخبارن ۽ ٽيليويزن تان حاصل ٿيندڙ معلومات تي ٻڌل هوندو آهي ان لاءِ روايتي ميڊيا جي اهميت بدستور موجود آهي. هن چيو ته جڏهن به پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) يا آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) سان ملاقات ٿيندي آهي ته سدائين ان ڳالهه تي زور ڏنو ويندو آهي ته ملازمن جي ڀلائي اولين ترجيح آهي ۽ رهندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ به ان معاملي تي زور ڏنو جڏهن ته پي بي اي ۽ اي پي اين ايس کي لکت ۾ آگاهه ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن خدانخواسته ڪنهن صحافي جي ڊيوٽي دوران فوتگي ٿي وڃي ٿي ته هن وقت اهڙو ڪو پئڪيج يا نظام موجود نه آهي جنهن سان ان جي گهرڀاتين جي مالي مدد ڪري سگهجي. هن چيو ته ان ۾ حڪومت به پنهنجو حصو وجهي سگهي ٿي پر اهو ضروري آهي ته ميڊيا هائوسز هڪ جامع پاليسي جوڙين. هن چيو ته اها بنيادي انساني حقن جي گهرج آهي ته صحافين ۽ انهن جي گهرڀاتين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. وفاقي وزير ان موقعي تي صحافين کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي پڻ هدايت ڪئي. ڊيجيٽل اسڪلز جي اهميت تي زور ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسڪل ڊيولپمينٽ انتهائي اهميت رکندڙ آهي خاص طور تي ڊيجيٽل شعبي ۾ ڊيجيٽل ڪانٽينٽ ڪريئيشن ۽ ڊيجيٽل مارڪيٽنگ هاڻي صحافين جي پيشيواراڻي معاملن کي سرانجام ڏيڻ جي لاءِ لازمي ٿي چڪا آهن. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت قائداعظم يونيورسٽي، نسٽ، ڪامسٽيڪ ۽ نمل يونيورسٽي سميت مختلف يونيورسٽين سان انتظام ڪري رهي آهي ته جيئن انفارميشن آفيسرن ۽ نامزد صحافين جي لاءِ ڊيجيٽل ڪانٽينٽ ڪريئيشن ۽ ڊيجيٽل مارڪيٽنگ جي مختصر ڪورسز جو انعقاد ڪري سگهجي. هن چيو ته انهن تربيتي ڪورسز جا خرچ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت برداشت ڪندي. ميڊيا ادارن کي درپيش مالي مشڪلاتن جو حوالو ڏيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته انهن جي مالي مشڪلاتن جو بنياد ماضي ۾ متعارف ڪرايل پاليسين ۾ رکيو ويو. مالي مشڪلاتن جو هڪ سبب اها پاليسي آهي جنهن تحت اهو طئي ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت نيشنل پريس ڪلب جي لاءِ 10 لک رپين کان وڌيڪ گرانٽ جاري نه ڪندي جڏهن ته ننڍي پريس ڪلبن جي لاءِ اها حد پنج لک رپيا مقرر ڪئي وئي. هن سوال ڪيو ته اها پاليسي ڪنهن ٺاهي؟ ڪهڙي دور ۾ ٺاهي وئي ۽ ان جا ڪهڙا مقصد هئا؟ ان تي غور ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ان پاليسي جي جوڙيندڙن کي ڏسڻ گهرجي ته ان جا ڪهڙا اثر پيا. هن چيو ته جن ماڻهن جي دور ۾ اها پاليسي ٺاهي وئي انهن جي حڪومت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به هئي پر اها پاليسي اتي لاڳو نه ڪئي وئي پر رڳو نيشنل پريس ڪلب تي لاڳو ڪئي وئي. هن چيو ته اهو فيصلو ڪهڙي مقصد تحت ڪيو ويو، ان جي بهتر ڄاڻ ان کي لاڳو ڪندڙن کي آهي. هن چيو ته نيشنل پريس ڪلب ملڪ جو سڀ کان وڏو پريس ڪلب آهي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي پابندي نه هجڻ گهرجي. حڪومت ان پاليسي ۾ ترميم جي لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن. وفاقي وزير چيو ته اها واحد پاليسي نه هئي پر ان سان گڏ هڪ ٻي پاليسي به متعارف ڪرائي وئي جنهن تحت ٽي وي چينلز جي سرڪاري اشتهارن جي اگهن تي نظرثاني ڪندي انهن کي گهٽ ڪيو ويو. وڏن ٽي وي چينلز جن جي سرڪاري اشتهارن جا اگهه اڳ ۾ اٽڪل ٽي لک رپيا في منٽ هئا، انهن کي گهٽ ڪري اٽڪل هڪ لک 85 هزار رپيا في منٽ ڪيو ويو جڏهن ته ٻيا چينلز به ان فيصلي کان متاثر ٿيا. هن چيو ته هڪ طرف نيشنل پريس ڪلب جي گرانٽ کي محدود ڪيو ويو جڏهن ته ٻئي طرف سمورن ٽي وي چينلز جي سرڪاري اشتهارن جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي جنهن جا اثر اڄ به ميڊيا انڊسٽري تي موجود آهن. هن چيو ته اهو فيصلو 2019ع ۾ ڪيو ويو جڏهن ته ان جا اثر اڃا به جاري آهن. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جي پاليسي جي ڪري ئي اڄ ميڊيا ادارن کي مالي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ڪنهن اخبار يا ٽيليويزن چينل جا اشتهار بند ناهن ڪيا ويا. حڪومت جو مقصد اڳوڻي پاليسين جي جڳهه تي بهتر پاليسيون متعارف ڪرائڻ آهي جن جي ذريعي ٽيليويزن چينلز ۽ اخبارن جي لاءِ وڌيڪ مالي گنجائش پيدا ٿئي ۽ سڄي پاڪستان جا صحافي باعزت روزگار ڪمائي سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت ان حوالي سان ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته اهو ضروري آهي ته صحافين جي لاءِ ملازمت جي تحفظ (سيڪيورٽي آف ٽينور) بابت جامع پاليسي جوڙي وڃي. هن چيو ته آءِ ٽي اين اي جي نئين چيئرپرسن مقرر ڪئي پئي وڃي جيڪا ان عهدي جي لاءِ ميرٽ تي سرفهرست اميدوار رهي آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ٿي ويندو. هن چيو ته ڪائونسلز آف ڪمپلينٽس بابت التوا هيٺ معاملا پڻ مڪمل ڪيا ويا آهن ته جيئن اليڪٽرانڪ ميڊيا کي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ايف يو جي ۽ سي پي اين اي سميت ٻيون نمائنده تنظيمون پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي ملازمن جي تحفظ بابت پاليسي جوڙين ته حڪومت ان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ اڳ ۾ به جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي، ان حوالي سان وڌيڪ تجويزون ڏنيون وڃن ته جيئن عملي اڳڀرائي ڪري سگهجي. هن چيو ته هو صحافي برادري جي مسئلن کان آگاهه آهي ۽ انهن معاملن تي کلي دل سان ڳالهه ڪري رهيو آهي ته جيئن بهتر تجويزن جي روشني ۾ حل ڪڍي سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو قابل قبول نه آهي ته ڪنهن ملازم کي صبح جو نوٽيس ڏئي شام جو نوڪري تان فارغ ڪيو وڃي. هن چيو ته سموريون لاڳاپيل تنظيمون گڏجي ان حوالي سان حڪمت عملي جوڙين ته جيئن صحافين کي ملازمت جو تحفظ فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته جيڪڏهن رپورٽر، نيوز ڪاسٽر يا اينڪر ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي ذريعي مونيٽائيزيشن سان آمدني حاصل ڪري رهيا آهن ته ان سان چينل به فائدو کڻي سگهي ٿو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته سروس دوران ڪنهن صحافي جي لاڏاڻي جي صورت ۾ معاوضي يا مالي مدد جي لاءِ پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي ۽ اهڙي پاليسي ٺهڻ کانپوءِ حڪومت ان تي عملدرآمد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ڪيترن ئي ٽي وي چينلز کي شديد مالي مشڪلاتون درپيش آهن جڏهن ته ڪجهه ادارا بند به ٿي رهيا آهن. ان مسئلي جي حل لاءِ سمورين نمائنده تنظيمن پاران گڏيل تجويزون سامهون اچڻ گهرجن. نيشنل پريس ڪلب جي عمارت جي معاملي تي اطلاعات واري وزير چيو ته ان حوالي سان تجويزون ڏنيون وڃن، هو صحافي نمائندن کي گڏ وٺي گهرو وزير محسن نقوي سان ڳالهه ڪندو ۽ ان معاملي کي ڀرپور انداز ۾ اٿاريو ويندو. هن چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته اها پنهنجي سگهه موجب ان مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته صحافين جي لاءِ پاڪستان ريلويز جي سفري سهولت جي معاملي تي ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي سان ڳالهه ڪري ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. عطاءُ الله تارڙ تجويز ڏني ته ميڊيا جي مسئلن ۽ تجويزن تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هر مهيني ٻه کان ٽي اجلاس منعقد ڪيا وڃن ته جيئن مختلف ڌرين کان ڪارائتيون تجويزون حاصل ڪري سگهجن ۽ ميڊيا اسپيس کي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي. هن چيو ته معاشرو ان وقت مضبوط رهي ٿو جڏهن اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو اسپيس موجود هجي. هن چيو ته اڄ به اخبارن ۾ ايڊيٽوريل بورڊز موجود آهن ۽ ادارتي پاليسي تحت ايڊيٽرز ۽ سينيئر رپورٽرز خبر جي تياري، ڇپائي ۽ نشر ٿيڻ جي معيار کي يقيني بڻائين ٿا جنهن سان معاشري ۾ توازن برقرار رهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو ڊيجيٽل ميڊيا جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري، حڪومت پاڻ به ڊيجيٽل نظام متعارف ڪرايا آهن جڏهن ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو تحفظ ۽ فروغ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي پاليسي جو حصو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جرنلسٽس هائوسنگ فيز ٽو منصوبي جي حوالي سان پنجاب حڪومت سان ڳالهه ڪئي ويندي، ان معاملي تي پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظمى بخاري سان به ڳالهه ٻولهه ڪري صحافي برادري کي آگاهه ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سنو ٽي وي جي معاملي جو حوالو ڏيندي چيو ته گذريل ڏينهن سنو ٽي وي جي انتظاميا اسلام آباد آئي هئي جنهن سان ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ 12 ملازمن کي بحال ڪيو ويو جن ۾ وڌيڪ انگ ميڊيا ورڪرز جو هو. هن چيو ته انتظاميا کان اها خاطري به ورتي وئي ته اڳتي ڪنهن ملازم کي بيروزگار نه ڪيو ويندو. هن چيو ته صحافين جي حقن جي لاءِ هو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. پگهارن ۽ رهتن جي معاملي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سندس موقف واضح آهي ته ملازمن جون پگهارون ۽ رهتون ترجيحي بنيادن تي ادا ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته پي بي اي ۽ اي پي اين ايس سان هر ملاقات ۾ اهي معاملا سڀ کان پهرين بحث هيٺ ايندا آهن. هن چيو ته حڪومت وڏي حد تائين ادائيگين جي طريقيڪار کي به ملازمن جي پگهارن ۽ رهتن جي ادائيگي سان مشروط ڪيو آهي. هن چيو ته ميڊيا مالڪ عيد ۽ رمضان المبارڪ کان اڳ حڪومت سان رابطو ڪندا آهن ته ملازمن کي ادائيگيون ڪرڻيون آهن ۽ رهتون ڪليئر ڪيون وڃن جنهن تي حڪومت ادائيگين جي عمل کي به وڌيڪ آسان ۽ مختصر ڪيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته سرڪاري اشتهارن کي ملازمن جي پگهارن ۽ رهتن جي ادائيگي سان مڪمل طور تي ڳنڍڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب پاران اطلاعات واري وفاقي وزير کي اعزازي ميمبرشپ ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو ۽ کيس شيلڊ پيش ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير نيشنل پريس ڪلب جي ويب سائيٽ جو باقاعده افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر رئيسه عادل، پريس ڪلب جو صدر عبدالرزاق سيال، سيڪريٽري ڊاڪٽر فرقان رائو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.











