بدين ۾ صدر آصف علي زرداري جي سالگرهه جي موقعي تي تقريب منعقد، صوبائي وزير اسماعيل راھو، ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو ۽ ٻين جي شرڪت

بدين - 27 جولاء (اي پي پي)  بدين ۾ صدر  آصف علي زرداري جي سالگرهه جي موقعي تي هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي سندس صحت، ڊگهي ڄمار، خوشحالي ۽ ملڪ ۽ قوم جي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. راھو هائوس بدين ۾ ٿيل تقريب ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو،  قومي اسيمبلي جي ميمبر حاجي رسول بخش چانڊيو، محمد …

بدين – 27 جولاء (اي پي پي)  بدين ۾ صدر  آصف علي زرداري جي سالگرهه جي موقعي تي هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي سندس صحت، ڊگهي ڄمار، خوشحالي ۽ ملڪ ۽ قوم جي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. راھو هائوس بدين ۾ ٿيل تقريب ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو،  قومي اسيمبلي جي ميمبر حاجي رسول بخش چانڊيو، محمد اسلم راهو، ٽائون ڪاميٽي شهيد فاضل راھو جي چيئرمين عبدالسلام آرائين، وائيس چيئرمين محمد عمر شاهاڻي، عرفان گجر، حاجي حنيف خاصخيلي، وفا لطيف جوکيو، نارائڻ ڪولھي سميت ٻين ڪارڪنن ۽ ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن صدر آصف علي زرداري کي سالگرهه جون مبارڪون ڏيندي سندس سٺي صحت، ڊگهي ڄمار ۽ ملڪ ۽ قوم جي وڌيڪ خدمت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں