اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتي نظام کي خودڪار، مؤثر ۽ عوامي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ انصاف جي شعبي سان واڳيل سمورن ڌُرين جي ڊجيٽل مهارت اڻٽر آهي، جڏهن ته جديد ٽيڪنالاجي جو مؤثر استعمال انصاف جي وقت سر، شفاف ۽ مؤثر فراهميءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ …
ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ جو مؤثر استعمال جديد ۽ عوام دوست عدالتي نظام لاءِ اڻٽر آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتي نظام کي خودڪار، مؤثر ۽ عوامي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ انصاف جي شعبي سان واڳيل سمورن ڌُرين جي ڊجيٽل مهارت اڻٽر آهي، جڏهن ته جديد ٽيڪنالاجي جو مؤثر استعمال انصاف جي وقت سر، شفاف ۽ مؤثر فراهميءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پنجاب بار ڪائونسل جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. چيف جسٽس وفد کي وفاقي جوڊيشل اڪيڊميءَ ذريعي جاري سگهه وڌائڻ جي مختلف پروگرامن کان به آگاهه ڪيو ۽ وڪيل برداريءَ تي زور ڀريو ته هو تربيت ۽ پيشيوراڻي ترقيءَ جي دستياب موقعن مان ڀرپور فائدو کڻن. وفد سڄي ملڪ ۾ عدالتي شعبي ۾ جاري سڌارن کي ساراهيندي عدالتي ڪمپليڪسز ۾ اِي لائبريرين جو قيام، سولرزائشن ۽ عورت سهولت مرڪزن جي قيام کي انصاف تائين رسائي ۽ عوامي خدمت لاءِ اهم قدم قرار ڏنو. وفد چيف جسٽس جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته پاڪستان لا ويب سائٽ تائين رسائيءَ لاءِ لاگ اِن معلومات به پيش ڪئي ته جيئن عدالتي نظام سان واڳيل ماڻهو ڊجيٽل قانوني وسيلا کان بهتر انداز ۾ فائدو کڻي سگهن. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي پيشيور ادارا جاتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ان عزم کي ورجايو ويو ته بينچ ۽ بار گڏيل تعاون سان پيشيوراڻي سگهه ۾ واڌ، ٽيڪنالاجيءَ تي ٻَڌل عدالتي سڌارن کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوام دوست عدالتي نظام جي قيام لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکندا.










