پيٽروليم واري وفاقي وزير آئل ٽينڪر ڪنٽيڪٽرز ايسوسيئيشن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان آئل ٽينڪر ڪنٽيڪٽرز ايسوسيئيشن جي صدر عابد الله آفريدي جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ملاقات ڪئي، ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جنهن ۾ آئل ٽينڪرز انڊسٽريءَ کي درپيش مسئلن کي گڏيل مشاورت سان حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير ايسوسيئيشن جي خدشن جو جائزو وٺڻ ۽ هڪ هفتي اندر سفارشون پيش ڪرڻ لاءِ پيٽروليم …

اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان آئل ٽينڪر ڪنٽيڪٽرز ايسوسيئيشن جي صدر عابد الله آفريدي جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ملاقات ڪئي، ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جنهن ۾ آئل ٽينڪرز انڊسٽريءَ کي درپيش مسئلن کي گڏيل مشاورت سان حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير ايسوسيئيشن جي خدشن جو جائزو وٺڻ ۽ هڪ هفتي اندر سفارشون پيش ڪرڻ لاءِ پيٽروليم واري اسپيشل سيڪريٽريءَ جي سربراهيءَ ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي. ملاقات دوران او ٽي سي اي جي وفد پنهنجا مطالبا پيش ڪيا جن ۾ وائٽ آئل پائپ لائن جي ڪوٽا ۾ گهٽتائي، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين طرفان فريٽ ڪنٽريڪٽس جي شفاف ورهاست جي طريقيڪار، فريٽ فارمولا کي ڪنزيومر پرائس انڊيڪس سان ڳنڍڻ ۽ ڪمرسل لوڊنگ جو فوري خاتمو شامل هو. وفاقي وزير اوگرا کي هدايت ڪئي ته هو سڀني لاڳاپيل ڌُرين سان گڏجي آئل ٽينڪر ڪنٽريڪٽرز جا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي. هن آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي به هدايت ڪئي ته هو فريٽ ڪنٽريڪٽس جي ورهاست بابت پنهنجي لکت واري پاليسي وزارت ڏانهن موڪلي ته جيئن جيڪڏهن ڪنهن قسم جي اڻبرابريءَ واري پاليسي موجود هجي ته ان جو ازالو ڪري سگهجي. هن هدايت ڪئي ته اوگرا آئل ٽينڪرز جي مؤثر ٽريڪنگ کي يقيني بڻائي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنايو وڃي ته ڊيلرز جون گاڏيون پرائمري ٽرانسپورٽيشن ۾ شامل نه هجن. علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت جي پهرين ترجيح سڄي ملڪ ۾ ٻارڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته سڀئي لاڳاپيل ڌُريون قومي مفاد ۾ گڏيل تعاون خاص ڪري موجوده چئلينجنگ حالتن ۾ ڪم ڪن. هن وفد کي خاطري ڪرائي ته سندن سمورا جائز مسئلا گڏيل مشاورت سان حل ڪيا ويندا.

مزید خبریں