وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان روٽري انٽرنيشنل جي صدر جي ملاقات، صوبي مان پوليو جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن جو جائزو

ڪراچي- 27 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ روٽري انٽرنيشنل جي صدر مسٽر ليري اي لونسفورڊ سان هڪ ملاقات ۾ صوبي مان پوليو جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن جو جائزو ورتو ۽ اعلان ڪيو ته پوليو جو خاتمو سنڌ حڪومت جي اعليٰ ترين ترجيحن مان هڪ آهي. هن چيو ته ماحولياتي جائزي ۾ مسلسل گهٽتائي ۽ پنجن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين …

ڪراچي- 27 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ روٽري انٽرنيشنل جي صدر مسٽر ليري اي لونسفورڊ سان هڪ ملاقات ۾ صوبي مان پوليو جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن جو جائزو ورتو ۽ اعلان ڪيو ته پوليو جو خاتمو سنڌ حڪومت جي اعليٰ ترين ترجيحن مان هڪ آهي. هن چيو ته ماحولياتي جائزي ۾ مسلسل گهٽتائي ۽ پنجن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين ڪنهن به انساني پوليو ڪيس جي غير موجودگي ظاهر ڪري ٿي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته صوبي جيون ڪوششون پوليو خلاف مهم درست رستي تي آهي. هن چيو صوبائي حڪومت سڄي سنڌ ۾ روٽين اميونائيزيشن (باقاعدگي سان حفاظتي ٽڪن) کي مضبوط ڪرڻ ۽ ٻارن کي ويڪسين ذريعي بچاءُ جوڳي بيمارين کان محفوظ رکڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. روٽري طرفان نيشنل چيئر ۽ ٽرسٽي عزيز ميمڻ، روٽري ڊسٽرڪٽ گورنر شهزاد صابر، ڊسٽرڪٽ گورنر اليڪٽ فهد سڪندر، ڊي جي اين جبار شيخ، ۽ پي ڊي جي سليم رائو شريڪ ٿيا. روٽري انٽرنيشنل جي صدر کي ڀليڪار چوندڙ وڏي وزير مراد علي شاهه، پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۾ روٽري انٽرنيشنل جي اڻٿڪ مدد تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻارن جي صحت کي محفوظ بڻائڻ ۾ تنظيم جي پراڻي ڀائيواري جو اعتراف ڪيو. وڏي وزير وفد کي سنڌ پوليو پروگرام تحت ٿيندڙ تازي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني ۽ حوصلہ افزا ايپيڊميولوجيڪل اشارن کي اجاگر ڪيو جيڪي وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪاميابين جي نشاندهي ڪن ٿا. وڏي وزير چيو پوليو جو خاتمو سنڌ حڪومت جي اعليٰ ترين ترجيحن مان هڪ آهي. ماحولياتي جائزي ۾ حوصلہ افزا گهٽتائي ۽ پنجن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين ڪنهن به انساني پوليو ڪيس جي غير موجودگي اهو ثابت ڪري ٿي ته اسان جون گڏيل ڪوششون درست رخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت وائرس جي مڪمل خاتمي تائين ان رفتار کي برقرار رکڻ لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو جيتوڻيڪ اڳڀرائي حوصلہ افزا آهي، پر اسان غافل ناهيون. اسان جو ڌيان هر ٻار تائين پهچڻ تي آهي خاص ڪري وڌيڪ خطرن وارن علائقن ۽ چرپر ڪندڙ آباديءَ ۾ اسان نگراني، باقاعدي حفاظتي ٽڪن، ڪميونٽي جي شموليت، ۽ احتساب جي نظام کي مضبوط ڪرڻ جاري رکنداسين ته جيئن پڪ ڪري سگهجي ته ڪو به ٻار ان مهم کان رهجي نه وڃي. وڏي وزير وفد کي آگاهه ڪيو ته سنڌ جديد قدمن ذريعي پنهنجي پوليو پروگرام کي نمايان طور تي مضبوط ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪراچي ايڪشن پلان، وڏي عمر تائين ويڪسين جي مهم، يونين ڪائونسل اميونائيزيشن آفيسرن جي مقرري، بهتر نگراني جو نظام ۽ ايڪسپينڊڊ پروگرام آن اميونائيزيشن  ۽ پوليو آپريشنز جي وچ ۾ وڌيڪ مضبوط لاڳاپا شامل آهن. اهم ڪاميابيون شيئر ڪندي، اختيارين نوٽ ڪيو ته جون 2026 ۾ سنڌ جي 29 ماحولياتي نگراني جي سائيٽن مان 8 ۾ پوليو وائرس منفي آيو جيڪو جون 2023 کان پوءِ منفي نتيجن جي سڀ کان وڏي سطح آهي. سنڌ صوبو فيبروري 2026 کان ڪنهن به تصديق ٿيل انساني پوليو ڪيس کان پڻ پاڪ رهيو آهي، جڏهن ته آخري ڪيس سجاول ضلعي مان رپورٽ ٿيو هو. وڏي وزير ڪراچي ۾ ڪامياب وڏي عمر جي ايف ايل پي وي پلس او پي وي بوسٽر مهم کي اجاگر ڪيو جنهن تحت 89 وڌيڪ خطرن وارين يونين ڪائونسلن ۾ تقريبن 2.6 ملين ٻارن کي ويڪسين لڳائي وئي. هن چيو ته صوبي جي ٻين حساس علائقن لاءِ پڻ اهڙي قسم جي خطرن تي ٻڌل قدمن جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي. مسٽر ليري اي لونسفورڊ پوليو خلاف حاصل ڪيل اڳڀرائي تي سنڌ حڪومت، فرنٽ لائن ورڪرز، ۽ حصيدار تنظيمن جي تعريف ڪئي. روٽري انٽرنيشنل جي صدر چيو سنڌ مان رپورٽ ٿيل اڳڀرائي انتهائي حوصلہ افزا آهي ۽ مضبوط سياسي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي، مؤثر پروگرام مينيجمينٽ، ۽ هزارين فرنٽ لائن ورڪرز جي ،محنت جي عڪاسي ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو روٽري انٽرنيشنل پاڪستان کي پوليو کان پاڪ مستقبل جي سفر ۾ مدد لاءِ مضبوطيءَ سان پرعزم آهي. سنڌ ۾ حاصل ڪيل ڪاميابيون ظاهر ڪن ٿيون ته جڏهن حڪومتون، برادريون، ۽ ترقياتي ڀائيوار هڪ گڏيل مقصد سان گڏجي ڪم ڪن ٿا ته ڇا حاصل ڪري سگهجي ٿو. مسٽر لونسفورڊ خاص طور تي سنڌ جي ڪميونٽي جي شموليت، ويڪسين جي قبوليت، نگراني کي مضبوط ڪرڻ، ۽ رهجي ويل ۽ چرپر ڪندڙ ٻارن تائين پهچڻ لاءِ جديد طريقن تي ڌيان ڏيڻ جي تعريف ڪئي. وڏي وزير ورجايو ته صوبائي حڪومت پوليو جي خاتمي جي حاصلات کي برقرار رکڻ ۽ بنيادي صحت جي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ يونين ڪائونسل اميونائيزيشن آفيسرن جي مقرري، ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز جي ڀرتي، پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ هائيجين جي خدمتن جي توسيع، فرنٽ لائن ورڪرز جي مدد ۽ باقاعدي حفاظتي ٽڪن کي ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي وسيع پروگرامن سان ڳنڍڻ لاءِ صوبائي وسيلا وقف ڪيا آهن. وڏي وزير چيو پوليو جو خاتمو رڳو صحت جو هڪ مقصد ناهي، پر هي اسان جي ٻارن جي مستقبل لاءِ هڪ عزم آهي. سنڌ حڪومت پوليو کان پاڪ سنڌ ۽ پوليو کان پاڪ پاڪستان جي حاصلات لاءِ گهربل هر ممڪن مدد ۽ وسيلا فراهم ڪندي رهندي. ملاقات جي پڄاڻي ٻنهي ڌرين پاران ويجهي تعاون کي برقرار رکڻ ۽ سڄي صوبي ۽ ملڪ ۾ پوليو وائرس جي پکڙجڻ کي مستقل طور تي روڪڻ جي مقصد سان ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي عزم جي ورجاءَ سان ٿي.وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ وڏي وزير جو سيڪريٽري آصف جميل، صحت بابت وقتي سيڪريٽري حافظ عباسي، شهريار گل، ۽ اي او سي ڪوآرڊينيٽر سنڌ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں