ميونسپل ڪاميٽي بدين جي -272026ع جي سالاني ڏهه لک 70 هزار 416 روپين جي بچت واري 50 ڪروڙ، 98 لک، 85 ھزار 824 روپين جي مجموعي ڪاٿي واري بجيٽ پيش، سي سي ٽي وي ڪئميرائُون لڳائڻ لاءِ بدين پوليس کان فنڊ وٺڻ جو فيصلو

بدين- 27 جولاءِ (اي پي پي) ميونسپل ڪاميٽي بدين جي -272026ع جي سالاني ڏهه لک 70 هزار 416 روپين جي بچت واري 50 ڪروڙ، 98 لک، 85 ھزار 824 روپين جي مجموعي ڪاٿي واري بجيٽ پيش ڪئي ويئي، ساليانو ڪُل خرچ 50 ڪروڙ، 88 لک، 15 ھزار 408 روپيا رهيو، شھر ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائُون لڳائڻ لاءِ بدين پوليس کان فنڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بجيٽ اجلاس …

بدين- 27 جولاءِ (اي پي پي) ميونسپل ڪاميٽي بدين جي -272026ع جي سالاني ڏهه لک 70 هزار 416 روپين جي بچت واري 50 ڪروڙ، 98 لک، 85 ھزار 824 روپين جي مجموعي ڪاٿي واري بجيٽ پيش ڪئي ويئي، ساليانو ڪُل خرچ 50 ڪروڙ، 88 لک، 15 ھزار 408 روپيا رهيو، شھر ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائُون لڳائڻ لاءِ بدين پوليس کان فنڊ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي  چئرمين پير محمد صالح قريشي چيو ته صوبائي حڪومت کان او زيڊ ٽي تحت سالاني طور اسان کي 5  ڪروڙ، 54 لک، 88 ھزار، 720 روپيا ملن ٿا، ماهوار طور صوبائي حڪومت ترقياتي ڪمن ۽ پگھارن جي مد ۾ 3 ڪروڙ، 30 لک، 29000 ھزار ڏيئي ٿي جيڪي سال جا 39 ڪروڙ، 63 لک،  48000 ھزار ٿين ٿا، سال ۾ پگھارن ۽ پينشن جا  29 ڪروڙ  71 لک، 35 ھزار، 408 روپيا ٿين ٿا، چوڏنھن وارڊن جي ڪائونسلرن لاءِ ترقياتي مد ۾ 6 ڪروڙ رکيا ويا آھن، چئرمين ٻڌايو ته فلاحي ڪمن لاءِ پُڻ فنڊ رکيا ويا آهن، اجلاس ۾ وائيس چئرمين بدامني وڌڻ تي بدين پوليس خلاف قرارداد پيش ڪئي جڏنھن ته چئرمين سڀني ڪائونسلرن آڏو قراردا پيش ڪرڻ بعد پاس ڪرائي ته ٽن سالن کان ميونسپل ڪاميٽي کي خصوصي پيڪيج نه مليو آھي، جيڪو 2023ع اگسٽ ۾ سنڌ جي وڏي وزير ھڪ ارب اٺانوي ڪروڙ روپين جي اسپيشل فنڊ طور منظور ڪيو ھو اھو ڏنو وڃي ته جيئن واٽر سپلاءِ ۽ نيڪاسي جي اسڪيمن کي مڪمل ڪرائي سگهجي، ان کان اڳ وائيس چئرمين اڪبر ميمڻ جي رٿ تي واپارين سان گڏجي شھر ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائُون لڳائڻ لاءِ بجيٽ جو اعلان ڪيو ويو جنھن ۾ ميونسيپل ڪاميٽي 10 لک ۽ بدين جا واپاري 10 لک روپيا ڏيندا جڏهن ته بدين پوليس کان ڌار فنڊ ورتو ويندو. بجيٽ اجلاس ۾ ڪائونسلرن عاشق گوپانگ، نور محمد ملاح، يعقوب سومرو، جيوت رام، مخاف ڌر جي ڪائونسلر مدثر خاصخيلي، طارق ملاح ھاشماڻي، پاڻي کوٽ پوري ڪرڻ ۽ نيڪاسي جُون اسڪيمن ڏيڻ بابت ڳالھايو.

مزید خبریں