آزاد ڪشمير جا ماڻهو پاڪستان پيپلز پارٽي تي اعتماد ڪن ٿا: راجه پرويز اشرف

اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ پنجاب جي صدر راجه پرويز اشرف چيو آهي ته پولنگ اسٽيشنن جو رُخ ڪندڙ ڪشميرين کي سلام پيش ڪيون ٿا، پاڪستان پيپلزپارٽي تي پوري آزاد ڪشمير جا ماڻهو اعتماد ڪن ٿا. پيپلز پارٽي هميشه پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪشمير ۾ تعمير ۽ ترقي جي نئين تاريخ رقم ڪئي. سومر ڏينهن پوٺوهاري ٻوليءَ ۾ ڪشميري ووٽرز جي …

اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ پنجاب جي صدر راجه پرويز اشرف چيو آهي ته پولنگ اسٽيشنن جو رُخ ڪندڙ ڪشميرين کي سلام پيش ڪيون ٿا، پاڪستان پيپلزپارٽي تي پوري آزاد ڪشمير جا ماڻهو اعتماد ڪن ٿا. پيپلز پارٽي هميشه پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪشمير ۾ تعمير ۽ ترقي جي نئين تاريخ رقم ڪئي. سومر ڏينهن پوٺوهاري ٻوليءَ ۾ ڪشميري ووٽرز جي نالي جاري پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ميرپور ڊويزن پاڪستان پيپلزپارٽي سان پنهنجي محبت جو ثبوت پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته خوبصورت جذبي سان گهرن کان پولنگ اسٽيشن ويندڙ ڪشميرين کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو، بان ڪنهن شڪ جي پاڪستان پيپلزپارٽي تي سڄي آزاد ڪشمير جا ماڻهو اعتماد ڪن ٿا، پيپلز پارٽي هميشه پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪشمير ۾ تعمير ۽ ترقي جي نئين تاريخ رقم ڪئي. هن چيو ته ڪشمير جون سموريون يونيورسٽيون، ميڊيڪل ڪاليج ۽ شاهراهون پاڪستان پيپلز پارٽي ٺهرايون، ڪشمير مسئلي کي پاڪستان پيپلزپارٽي پوري دنيا آڏو پيش ڪيو. هن چيو ته شهيد ڀٽو، ڪشمير لاءِ هڪ هزار سال تائين جنگ وڙهڻ جو عهد ڪيو. شهيد محترمه جو پڻ چوڻ هو ته جتي ڪشميرين جو پگهر ڪرندو اتي اسان جو رت ڪرندو، بلال ڀٽو زرداري چيو ٿو ته وٺنداسون وٺنداسون پورو ڪشمير وٺنداسون. راجه پرويز اشرف چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پيپلزپارٽي حڪومت قائم ٿيڻ جو گهڻو وڏو فائدو والاريل ڪشمير جي ڪشميرين کي ٿيندو. انشاالله تعاليٰ آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهندي.