ڪراچي- 27 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي 78 هين يوم شهادت جي موقعي تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد وطنِ عزيز جي دفاع لاءِ لازوال قرباني ڏئي بهادري، ايثار ۽ حب الوطني جي اهڙي تاريخ رقم ڪئي جيڪا هميشه ياد رکي ويندي. گورنر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيدن …
سنڌ جي گورنر پاران ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) کي 78هين يوم شهادت تي خراج عقيدت پيش
ڪراچي- 27 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي 78 هين يوم شهادت جي موقعي تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد وطنِ عزيز جي دفاع لاءِ لازوال قرباني ڏئي بهادري، ايثار ۽ حب الوطني جي اهڙي تاريخ رقم ڪئي جيڪا هميشه ياد رکي ويندي. گورنر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون پاڪستان جي آزادي، خودمختياري، استحڪام، دفاع ۽ سلامتي جو مضبوط بنياد آهن. هن چيو ته سڄي قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي هميشه عزت، احترام ۽ فخر سان ياد رکندي. سيد محمد نهال هاشمي چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي ايثار جو جذبو، شجاعت ۽ حب الوطني نئين نسل لاءِ مشعل راهه آهي، جڏهن ته پاڪستان جا سڀ شهيد اسان جو قومي سرمايو آهن ۽ سندن بيمثال قربانين کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. گورنر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ڪيپٽن محمد سرور شهيد جا بلند درجا عطا فرمائي ۽ اسان کي سندس نقش قدم تي هلڻ ۽ وطن لاءِ اخلاص، ايثار ۽ وفاداري جو جذبو اختيار ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.










