حيدرآباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) واسا حيدرآباد جي ملازمن 18 مهينن کان پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ جي خلاف سومر جي ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي کين ادائگيون ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ هو ڪم ڇڏ هڙتال ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي مزارن تي وڃي دانهيندا ته اسان کان اٽو، لٽو ۽ اجهو …
حيدرآباد ۾ واسا ملازمن جو 18 مهينن کان پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ جي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

مزید خبریں
حيدرآباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) واسا حيدرآباد جي ملازمن 18 مهينن کان پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ جي خلاف سومر جي ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي کين ادائگيون ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ هو ڪم ڇڏ هڙتال ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي مزارن تي وڃي دانهيندا ته اسان کان اٽو، لٽو ۽ اجهو کسڻ کان پوءِ جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي. ان موقعي تي ملازمن جي ويلفيئر ايسوسيئيشن جي ڪوآرڊينيٽر آفتاب لاڙڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پينشن ۽ پگهارون نه ملڻ سبب ملازم بُک وگهي تڙپي تڙپي مري رهيا آهن، ڪيترائي ملازم بيمار پيا آهن، پر انهن وٽ علاج لاءِ پئسا نه آهن. هنن سنڌ حڪومت ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته کين پگهارون ادا ڪيون وڃن.









