اسلام آباد - 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪشمير تڪرار جي حوالي سان ڀارتي دفاع واري وزير جي انتهائي اشتعال انگيز ۽ غيرذميواراڻي بيان جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي دفاع واري وزير راج ناٿ سنگهه جي بيان ۾ نه رڳو گڏيل قومن ۽ عالمي طور تي مڃيل ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حوالي سان حقيقتن کي مسخ ڪيو …
پاڪستان پاران ڪشمير تڪرار جي حوالي سان ڀارتي دفاع واري وزير جي انتهائي اشتعال انگيز ۽ غيرذميواراڻي بيان جي سخت مذمت
اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪشمير تڪرار جي حوالي سان ڀارتي دفاع واري وزير جي انتهائي اشتعال انگيز ۽ غيرذميواراڻي بيان جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي دفاع واري وزير راج ناٿ سنگهه جي بيان ۾ نه رڳو گڏيل قومن ۽ عالمي طور تي مڃيل ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حوالي سان حقيقتن کي مسخ ڪيو ويو آهي جيڪو اڄ به گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي پر ان کي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جي ڀارتي حڪومت جي سوچيل سمجهيل پاليسي جي پڻ عڪاسي ٿئي ٿي. اهڙي طرح جا بيان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي مسلسل قبضي، خطي ۾ ان جي دهشتگردي جي سرپرستي ۽ پنهنجي ملڪ جي اندر عدم استحڪام تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي. ڀارت کي جارحاڻي ۽ جنگي جنون تي ٻڌل بيان بازي ڪندي اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ڪنهن به مهم جوئي کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي جهڙي طرح گذريل سال آپريشن بُنيان المرصوص دوران پوري پاڪستاني قوم ۽ ان جي بهادر هٿياربند فوج ڏيکاريو هو. پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن تي زور ڏنو ته اهي ڀارت جي مسلسل جارحاڻي رويي جو نوٽيس وٺن ۽ ان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ۾ ناڪامي جو ذميوار قرار ڏين جن ۾ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي ضمانت ڏني وئي آهي.










