سيڪيورٽي فورسزجي آپريشن ۾ گرفتار فتنه الهندستان جي دهشتگرد جا اهم انڪشاف

اسلام آباد - 27 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ گرفتار دهشتگرد حبيب الله فتنه الهندستان جي دهشتگرد نيٽ ورڪ بابت اهم ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. تفصيل موجب فتنه الهندستان جي دهشتگرد حبيب الله جو تعلق خضدار ضلعي جي اورناچ تعلقي جي علائقي سيراندوه سان آهي. فتنه الهندستان جي گرفتار دهشتگرد حبيب الله انڪشاف ڪيو ته دهشتگرد تنظيم ان کي ڪوڙن واعدن ۽ مالي لالچ ڏئي …

اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ گرفتار دهشتگرد حبيب الله فتنه الهندستان جي دهشتگرد نيٽ ورڪ بابت اهم ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. تفصيل موجب فتنه الهندستان جي دهشتگرد حبيب الله جو تعلق خضدار ضلعي جي اورناچ تعلقي جي علائقي سيراندوه سان آهي. فتنه الهندستان جي گرفتار دهشتگرد حبيب الله انڪشاف ڪيو ته دهشتگرد تنظيم ان کي ڪوڙن واعدن ۽ مالي لالچ ڏئي ڀرتي ڪيو، چنل دشت منتقل ڪري ذهن سازي ۽ بعد ۾ سرڳڙهه ڪيمپ ۾ تربيت ڏني. سرڳڙهه ڪيمپ ۾ هٿيار، بارودي مواد ۽ اوچتو حملو ڪرڻ جي تربيت ڏني وئي. دهشتگرد حملن کان پوءِ سڃاڻپ لڪائڻ ۽ فرار ٿيڻ جا طريقا به سيکاريا ويا. صرف 25 هزار روپين جي عيوض پنهنجي بلوچ ڀائرن جي رت سان هٿ رڱيا. فتنه الهندستان جي پراڪسي بي واءِ سي جي ڌرڻن دوران منهنجي نشاندهي ٿي، دهشتگرد حبيب الله اعتراف ڪيو ته هو هٿيار، گولا بارود، ڌماڪيدار مواد، خوراڪ ۽ دوائون دهشتگردن تائين پهچائيندو هو ۽ سنارو ڪيمپ، خضدار، نال ۽ بيله سميت ڪيترن حملن ۾ شريڪ رهيو، هر دهشتگرد ڪارروائي کان اڳ هٿيار، هدايتون ۽ رابطا دهشتگرد تنظيم فراهم ڪندي رهي. سمورين دهشتگرد ڪارروائين ۾ حصو وٺڻ لاءِ پيسا ڏنا ويندا هئا، خضدار ۽ بيله دهشتگرد حملن کان پوءِ 25-25 هزار روپيا معاوضي طور ڏنا ويا. خضدار پوليس چيڪ پوسٽ حملي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب 2 شهري فوت ٿيا، منهنجا اڪثر ساٿي بيروزگار هئڻ سبب دهشتگرد تنظيم ۾ شامل ٿيا هئا. دهشتگرد تنظيم ڪوڙا خواب ڏيکاري وٺي ويندي هئي، ۽ پوءِ بليڪ ميل ڪندا آهن ته جيئن ڪو به واپس نه وڃي سگهي، جيڪو به دهشتگرد تنظيم کي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪري ان کي ماريو ويندو هو، دهشتگرد ڪيمپ ۾ کائڻ پيئڻ جو بندوبست ناهي هوندو، گذر سفر ويجهن ڳوٺن مان ڦرلٽ تي هوندو آهي، گرفتار دهشتگرد جي اعترافي بيان مان اها ڳالهه هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ٿي وئي ته فتنه الهندستان بلوچستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي.