مشهور آمريڪي سيڙپڪارن، ڪاروباري شخصيتن ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن جي 40 رڪني وفد جو پاڪستان جو دورو

اسلام آباد - 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪاروباري ۽ سيرپڪاري تعاون جو نئون باب شروع ٿي ويو آهي. مشهور آمريڪي سيڙپڪارن، ڪاروباري شخصيتن ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن جو 40 رڪني وفد 26 کان 31 جولاءِ تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. تفصيل موجب خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي اثرائتي سهولتڪاري سان پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ عالمي ڪاروباري رابطن کي نئين رفتار ملي رهي …

اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪاروباري ۽ سيرپڪاري تعاون جو نئون باب شروع ٿي ويو آهي. مشهور آمريڪي سيڙپڪارن، ڪاروباري شخصيتن ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن جو 40 رڪني وفد 26 کان 31 جولاءِ تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. تفصيل موجب خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي اثرائتي سهولتڪاري سان پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ عالمي ڪاروباري رابطن کي نئين رفتار ملي رهي آهي. ايس آءِ ايف سي، واپار واري وزارت ۽پاڪستاني سفارتخاني بي ٽو بي ملاقاتون، نيٽ ورڪنگ سيشنز ۽ پاليسي بريفنگز جو جامع پروگرام ترتيب ڏنو آهي. وفد جي وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ ايس آءِ ايف سي اختيارين سان ملاقاتن جو امڪان آهي. ملاقاتن ۾ سيڙپڪاري، ڪاروباري تعاون ۽ نون اقتصادي موقعن تي ڳالهيون ڪيون وينديون. دوري دوران واپار واري وزارت، چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ٻين ڪاروباري صنعتني ادارن سان به ملاقاتون ٿينديون. آءِ ٽي وزارت جي انتظام هيٺ پي ايس اي بي، پاشا، نيشنل انڪيوبيشن سينٽر ۽ ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپس جي حصيداري سان آءِ ٽي شعبي خاص بريفنگ ٿيندي، آمريڪي وفد دفاع، ايرو اسپيس، خلائي ٽيڪنالاجي، آءِ ٽي، توانائي، صحت، معدنيات ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جو جائزو وٺندو، وفد جا ميمبر گڏيل منصوبن، اي آءِ، ٽيلي ميڊيسن، معدنيات ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا. اهو دورو پاڪ آمريڪا اقتصادي لاڳاپن، پرڏيهي سيڙپڪاري، نجي شعبي جي تعاون ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.