اسلام آباد - 27 جولاءِ (اي پي پي) طالبان حڪومت خلاف هٿياربند مزاحمت ۾ تيزي اچي رهي آهي، بدخشان صوبي جي مختلف ضلعن ۾ چڪريون ٿيون آهن ۽ صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي وئي آهي. تفصيل موجب بدخشان صوبي جي ضلعن يفتل ۽ زيباڪ ۾ ٿيندڙ چڪرين ۾ طالبان حڪومت جي افغانستان تي ڪنٽرول جي دعوائن تي سوال اٿاري ڇڏيو آهي. افغان طالبان مخالف هٿياربند گروپ افغانستان فريڊم فرنٽ پاران ڪابل …
طالبان حڪومت خلاف هٿياربند مزاحمت ۾ تيزي، بدخشان جي مختلف ضلعن ۾ چڪريون، راڪيٽ حملن ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا
اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) طالبان حڪومت خلاف هٿياربند مزاحمت ۾ تيزي اچي رهي آهي، بدخشان صوبي جي مختلف ضلعن ۾ چڪريون ٿيون آهن ۽ صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي وئي آهي. تفصيل موجب بدخشان صوبي جي ضلعن يفتل ۽ زيباڪ ۾ ٿيندڙ چڪرين ۾ طالبان حڪومت جي افغانستان تي ڪنٽرول جي دعوائن تي سوال اٿاري ڇڏيو آهي. افغان طالبان مخالف هٿياربند گروپ افغانستان فريڊم فرنٽ پاران ڪابل مان بدخشان ويندڙ طالبان جي فوجي قافلي تي راڪيٽ حملا ڪيا آهن جنهن ۾ افغان طالبان کي وڏو جاني نقصان پهتو آهي ۽ 7 اهلڪار مارجي ويا 6 زخمي ٿي پيا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري افغانستان فريڊم فرنٽ جي بيان موجب تنظيم جي ويڙهاڪن ڪابل مان اتر سالنگ تائين افغان طالبان جي فوجي قافلي جي چر پر جو پيڇو ڪيو، افغان طالبان جو فوجي قافلو بدخشان ۾ مقرري لاءِ اضافي نفري ۽ فوجي سامان منتقل ڪري رهيو هو. ان کان اڳ ڇنڇر ڏينهن بدخشان جي ضلعي زيباڪ ۾ به تنظيم جي ويڙهاڪن افغان طالبان جي ٻن فوجي ڊرونز کي تباهه ڪيو هو، جمعي تي به ويڙهاڪن افغان طالبان جي هيليڪاپٽرن کي زيباڪ ضلعي ۾ لهڻ بدران واپس وڃڻ تي مجبور ڪيو هو. مشهور افغان صحافي بلال سروري موجب فريڊم فرنٽ جي مسلسل ڪارروائين ۽ ڊرون حملا انهن جي وڌندڙ جنگي صلاحيت، منصوبه بندي، انٽيليجنس، لاجسٽڪس ۽ تياري جو ثبوت آهن. اڳوڻي افغان نائب صدر امر الله صالح موجب افغان طالبان حڪومت جائز حڪومت ناهي. ان خلاف سياسي ۽عسڪري مزاحمت وڌيڪ منظم هوندي، جيڪا آخرڪار طالبان جي اقتدار جي خاتمي جو سبب بڻجندي.










