ملڪ ۾ ڪارُن جي آمدني واپار ۾ جون 2026ع دوران 246.79 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪارُن جي آمدني واپار ۾ جون 2026ع دروان 246.79 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. قومي شماريات کاتي جي انگن اکرن مطابق ان دوران ڪارُن جو آمدني واپار 70.4 ملين ڊالرن تائين وڌي ويو، جڏهن ته جون 2025ع دوران آمدني واپار جو ڪاٿو 20.3 ملين ڊالر رهيو. اهڙي طرح جون 2025ع جي ڀيٽ ۾ جون 2026ع دوران ڪارُن جي قومي آمدني واپار ۾ …

اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪارُن جي آمدني واپار ۾ جون 2026ع دروان 246.79 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. قومي شماريات کاتي جي انگن اکرن مطابق ان دوران ڪارُن جو آمدني واپار 70.4 ملين ڊالرن تائين وڌي ويو، جڏهن ته جون 2025ع دوران آمدني واپار جو ڪاٿو 20.3 ملين ڊالر رهيو. اهڙي طرح جون 2025ع جي ڀيٽ ۾ جون 2026ع دوران ڪارُن جي قومي آمدني واپار ۾ 50.1 ملين ڊالرن يعني 246.79 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.