ڪنشاسا- 27 جولاءِ (اي پي پي) جمهوريه ڪانگو ۾ ايبولا وائرس جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ وڌي 3200 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ان وبا سبب هاڻي تائين 1405 مريض فوت ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا جمهوريه ڪانگو جي سرڪاري طور جاري ڪيل انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ايبولا جا ڪيس ملڪ جي 26 صوبن مان هاڻي تائين 5 صوبن ۾ رپورٽ ٿيا آهن. اتر اولهه …
ڪانگو ۾ ايبولا وائرس جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 3200 ٿي ويو
ڪنشاسا- 27 جولاءِ (اي پي پي) جمهوريه ڪانگو ۾ ايبولا وائرس جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ وڌي 3200 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ان وبا سبب هاڻي تائين 1405 مريض فوت ٿي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا جمهوريه ڪانگو جي سرڪاري طور جاري ڪيل انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ايبولا جا ڪيس ملڪ جي 26 صوبن مان هاڻي تائين 5 صوبن ۾ رپورٽ ٿيا آهن. اتر اولهه صوبي ايتوري کي ان وبا جو مرڪز قرار ڏنو ويو آهي، جتي وائرس جا وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن.










