ٽوڪيو- 27 جولاءِ (اي پي پي) جاپان ۾ هڪ رهائشي گهر ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن سميت هڪ ئي خاندان جا چار ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميديا موجب ساگا صوبي جي شهر ايماري ۾ واقع 2 ماڙ ڪاٺ جي هڪ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب اهي فوتگيون ٿيون، جڏهن ته اها باهه ويجهين عمارتن تائين نه ڦهلجي هئي. پوليس موجب گهر مان 2 نوجوانن ۽ ٻن …
جاپان ۾ هڪ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب ٻن ٻارن سميت چار ڄڻا فوت

مزید خبریں
ٽوڪيو- 27 جولاءِ (اي پي پي) جاپان ۾ هڪ رهائشي گهر ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن سميت هڪ ئي خاندان جا چار ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميديا موجب ساگا صوبي جي شهر ايماري ۾ واقع 2 ماڙ ڪاٺ جي هڪ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب اهي فوتگيون ٿيون، جڏهن ته اها باهه ويجهين عمارتن تائين نه ڦهلجي هئي. پوليس موجب گهر مان 2 نوجوانن ۽ ٻن ٻارن کي بيهوشي جي حالت ۾ ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر سڀني جي فوتگين جي تصديق ڪري ڇڏي. جاچ موجب فوت ٿي ويل ان ئي گهر ۾ رهندڙ هڪ ئي خاندان جا هئا، پوليس ان جي سڃاڻپ جي تصديق سان گڏو گڏ باهه لڳڻ جا سبب ۽ واقعي جي حالتن جي تصديق ڪري رهي آهي.











