ريوڊي جنيرو- 27 جولاءِ (اي پي پي) برازيل آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ٻن اعليٰ عهديدارن جون ويزا درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب درخواست رد ٿيندڙ اڳواڻن ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي جمهوريت بابت بيورو، انساني حقن ۽ محنت جي اسسٽنٽ سيڪريٽري رائلي ايم بارنس ۽ ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري سيموئل سيمسن شامل آهن. اطلاعن موجب ٻنهي اڳواڻن 20 جولاءِ تي ويزا لاءِ درخواست ڏني هئي، انهن جي دوري …
برازيل پاران آمريڪي اڳواڻن جون ويزا درخواستون رد
ريوڊي جنيرو- 27 جولاءِ (اي پي پي) برازيل آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ٻن اعليٰ عهديدارن جون ويزا درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب درخواست رد ٿيندڙ اڳواڻن ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي جمهوريت بابت بيورو، انساني حقن ۽ محنت جي اسسٽنٽ سيڪريٽري رائلي ايم بارنس ۽ ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري سيموئل سيمسن شامل آهن. اطلاعن موجب ٻنهي اڳواڻن 20 جولاءِ تي ويزا لاءِ درخواست ڏني هئي، انهن جي دوري دوران برازيل جي صدارتي اميدوار فولاويو بولسونارو، جيڪو اڳوڻي صدر جائير بولسونارو جو پُٽ آهي، ان کانسواءِ برازيل جي سپيريئر اليڪٽورل ڪورٽ جي عملدارن ۽ کاٻي ڌر جي سياسي شخصيتن سان ملاقاتن جو پروگرام هو.












