برازيليا- 27 جولاءِ (اي پي پي) برازيل جي پرڏيهي وزارت ارجنٽينا ۾ مقرر پنهنجي سفير جوليو بٽيلي کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن بابت صلاح مشرون لاءِ واپس طلب ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو قدم ارجنٽينا جي صدر خاوير ميلي پاران برازيل جي صدر لوئزاناسيولولاداسلوا جي حڪومت تي تنقيد کانپوءِ کنيو ويو آهي. برازيل جي پرڏيهي وزير مارو ويئيرا، صدر لولا داسلوا سان صلاح مشورن کان پوءِ آچر جي …
برازيل ارجنٽينا مان پنهنجو سفير مشاورت لاءِ طلب ڪري ورتو
برازيليا- 27 جولاءِ (اي پي پي) برازيل جي پرڏيهي وزارت ارجنٽينا ۾ مقرر پنهنجي سفير جوليو بٽيلي کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن بابت صلاح مشرون لاءِ واپس طلب ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو قدم ارجنٽينا جي صدر خاوير ميلي پاران برازيل جي صدر لوئزاناسيولولاداسلوا جي حڪومت تي تنقيد کانپوءِ کنيو ويو آهي. برازيل جي پرڏيهي وزير مارو ويئيرا، صدر لولا داسلوا سان صلاح مشورن کان پوءِ آچر جي صبح سفير کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو. صدر ڇبڇر ڏينهن سائو پالو ۾ برازيل جي لبرل پارٽي جي قومي ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿيو، جتي اڳوڻي صدر جائير بولسونارو جي پُٽ فلاويو بولسونارو کي صدراتي اميدوار نامزد ڪيو ويو. پنهنجي خطاب ۾ ميلي، صدر لولا جي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنايو ۽ برازيل جي سپريم فيڊرل ڪورٽ جي جج اليگز اندري ڊي مورائس جي ان فيصلي تي احتجاج ڪيو جنهن تحت ان کي قيد اڳوڻي صدر جائير بولسونارو سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي. بعد ۾ برازيل جي سپريم فيڊرل ڪورٽ جي صدر لوئز ايڊسن فاڪن ميلي جي بيانن کي غير مهذب توهين قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته اهڙا ريمارڪس ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ادبن جي ابتڙ آهن. هن وڌيڪ چيو ته برازيل جي عدليه مڪمل طور تي آزاد آهي ۽ جج مورائس آئين ۽ ملڪي قانون موجب پنهنجا فرض انجام ڏئي رهيو آهي. واضح رهي ته برازيل جي اڳوڻي صدر جائير بولسونارو تي 2022ع جي صدارتي چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ بغاوت جي سازش ڪرڻ جو ڪيس قائم ڪيو ويو هو، سيپٽمبر 2025ع ۾ برازيل جي سپريم فيڊرل ڪورٽ کيس ڏوهاري قرار ڏيندي 27 سال ۽ ٽي مهينا قيد جي سزا ٻڌائي هئي.












