ڪيف- 27 جولاءِ (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته روس چار سالن کان جاري جنگ ۾ مدد لاءِ اتر ڪوريا جي 30 هزار فوجين کي شامل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان مقصد لاءِ تياريون به شروع ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب زيلنسڪي وڊيو خطاب ۾ چيو ته اسان روس ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ تعاون به ڏسي رهيا آهيون، روس اتر ڪوريا جا وڌيڪ …
روس اتر ڪوريا کان 30 هزار فوجي طلب ڪرڻ چاهي ٿو: يوڪرين
ڪيف- 27 جولاءِ (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته روس چار سالن کان جاري جنگ ۾ مدد لاءِ اتر ڪوريا جي 30 هزار فوجين کي شامل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان مقصد لاءِ تياريون به شروع ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب زيلنسڪي وڊيو خطاب ۾ چيو ته اسان روس ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ تعاون به ڏسي رهيا آهيون، روس اتر ڪوريا جا وڌيڪ 30 هزار فوجي آڻڻ چاهي ٿو ۽ انهن کي آڻڻ لاءِ روس جي علائقي وورونيز ۾ جون کان تياريون جاري آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي معاهدي تحت اتر ڪوريا 2024ع ۾ يوڪرين طرفان علائقي ۾ وڏي حملي کانپوءِ روس سان گڏجي وڙهڻ لاءِ اٽڪل 14 هزار فوجي ڪرسڪ جي علائقي ۾ موڪليا هئا. ٻئي پاسي زيلنسڪي انڪشاف ڪيو ته اتر ڪوريا روس کي بيلسٽڪ ميزائلن لاءِ نوان لانچر فراهم ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.












