اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ڪارپٽ مينوفيڪچررز اينڊ ايڪسپورٽرز ايسوسي ايشن (پي سي ايم اي اي) جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران وفاقي وزير کي علائقائي واپار ۾ رڪاوٽن، عالمي سپلاءِ چين جي ڏکيائين ۽ هٿ سان ٺهيل قالينن جي صنعت کي درپيش چيلينجز بابت آگاهه ڪيو ويو. پي سي ايم اي اي جي جاري ڪيل بيان …
حڪومت پائيدار، برآمدي بنياد تي اقتصادي ترقي لاءِ ساز گار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ خانگي شعبي سان سهڪار جاري رکندي: وفاقي وزير ڄام ڪمان خان

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ڪارپٽ مينوفيڪچررز اينڊ ايڪسپورٽرز ايسوسي ايشن (پي سي ايم اي اي) جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران وفاقي وزير کي علائقائي واپار ۾ رڪاوٽن، عالمي سپلاءِ چين جي ڏکيائين ۽ هٿ سان ٺهيل قالينن جي صنعت کي درپيش چيلينجز بابت آگاهه ڪيو ويو. پي سي ايم اي اي جي جاري ڪيل بيان موجب وفد ۾ ايسوسي ايشن جا اعليٰ عهديدار موجود هئا. وفد وفاقي وزير کي هلندڙ سان آڪٽوبر ۾ شيڊول هٿ سان ٺهيل قالينن جي 42 هين عالمي نمائش لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پرڏيهي خريدارن کي هاسپيٽلٽي پيڪيج جي آڇ ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ لاءِ اڳڀرائي تمام گهڻي ضروري آهي. وفد وفاقي وزير کي هٿ سان ٺهيل قالينن جي صنعت جي سپلاءِ چين کي بحال رکڻ لاءِ خام (ڪچي) ان جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪرڻ ۽ عالمي نمائشن ۾ ننڍن ۽ وچولي طبقي جي ڪاروباري ادارن جي وڌ کان وڌ شرڪت جي حوصلا افزائي لاءِ سبسڊي جي موجوده شرح 50/50 کي 20/80 ڪرڻ جا مطالبا پڻ پيش ڪيا. ملاقات دوران عالمي مارڪيٽن تان بهتر پهچ لاءِ واپاري رابطن، لاجسٽڪ سهولتن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي موقعن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. ڄام ڪمان خان چيو ته حڪومت خانگي شعبي سان ويجهو سهڪار جاري رکندي ته جئين واپار جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري سگهجي. وفد وفاقي وزير کي هٿ سان ٺهيل قالينن جي 42 هين نمائش جي افتتاح جي پڻ دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪئي.











