اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) سڄي ملڪ ۾ 3 ڪامياب ڪارروائيون ڪندي 3 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري 36.8 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري ورتي، جنهن جي ماليت 3.3 ملين روپين کان وڌيڪ آهي. اي اين ايف ترجمان مطابق عالمي منشيات جي اسمگلنگ کي نشانو بڻائيندڙ ڪارروائي ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي واقع ڪوريئر ڪمپني جي آفيس ۾ ڪئي وئي، عملدارن آسٽريليا ويندڙ …
اي اين ايف جو سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون، 3 منشيات فروش گرفتار

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) سڄي ملڪ ۾ 3 ڪامياب ڪارروائيون ڪندي 3 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري 36.8 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري ورتي، جنهن جي ماليت 3.3 ملين روپين کان وڌيڪ آهي. اي اين ايف ترجمان مطابق عالمي منشيات جي اسمگلنگ کي نشانو بڻائيندڙ ڪارروائي ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي واقع ڪوريئر ڪمپني جي آفيس ۾ ڪئي وئي، عملدارن آسٽريليا ويندڙ هڪ پارسل کي روڪيو ۽ جوتن جي هڪ جوڙي ۾ لڪايل 210 گرام آفيم هٿ ڪئي. ڪالا شاهه ڪاڪو ٽول پلازه ويجهو هڪ ٻئي ڪارروائي ۾ هڪ گاڏي کي روڪيو ويو ۽ 16.8 ڪلوگرام چرس ۽ 3 ڪلو ڪرسٽل ميٿ (آئيس) هٿ ڪئي وئي. ڪارروائي دوران 3 منشيات فروش گرفتار ڪيا ويا. ان کان علاوه مانسهره ۾ بالاڪوٽ روڊ ويجهو هڪ موٽر سائيڪل مان 16.8 ڪلوگرام چرس هٿ ڪئي وئي. ترجمان مطابق گرفتار جوابدارن خلاف منشيات جي خاتمي واري ايڪٽ 1997ع تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي.











