ڀارت ۾ جاري ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاج ۾ پاڪستاني عسڪري قيادت جي تعريف

اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) نئين دهلي ۾ جاري احتجاج مان هڪ ڀارتي شهري پاڪستان ۽ پاڪستاني عسڪري قيادت جي نالي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي. وائرل وڊيو ۾ ڀارتي شهري چئي رهيو آهي ته ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاج ۾ شريڪ شاگرد پاڪستاني عسڪري قيادت سان محبت ڪن ٿا. ڀارتي شاگرد چيو ته پاڪستان بنيان مرصوص ۾ موديءَ کي تاريخي شڪست ڏني. وائرل وڊيو ۾ ڀارتي …

اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) نئين دهلي ۾ جاري احتجاج مان هڪ ڀارتي شهري پاڪستان ۽ پاڪستاني عسڪري قيادت جي نالي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي. وائرل وڊيو ۾ ڀارتي شهري چئي رهيو آهي ته ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاج ۾ شريڪ شاگرد پاڪستاني عسڪري قيادت سان محبت ڪن ٿا. ڀارتي شاگرد چيو ته پاڪستان بنيان مرصوص ۾ موديءَ کي تاريخي شڪست ڏني. وائرل وڊيو ۾ ڀارتي شهري مودي حڪومت جي ڏاڍ واري رويي تي سخت ڪاوڙ ۾ ڏٺا ويا. ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاج ۾ شريڪ ڀارتي شهري پاڪستان ۽ پاڪستاني عسڪري قيادت جي حق ۾ نعرا لڳايا. ڀارت مان بلند ٿيندڙ اهي آواز پاڪستاني عسڪري قيادت جي شاندار ڪارڪردگي ۽ صلاحيتن جو واضح ثبوت آهن.