ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ ويٽنام جي جهاز کي حادثو، 37 ڄڻن کي بچايو ويو

بيجنگ- 26 جولاءِ (اي پي پي) ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ نانشا ٻيٽ ويجهو يونگ شوريف وٽ ويٽنام جو جهاز ٻڏي ويو، جنهن کان پوءِ آچر جي صبح تائين 37 ڄڻن کي حفاظت سان بچايو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي شهر سانشا جي عملدارن ٻڌايو ته بچايل سمورا ماڻهو ويٽنام جي ٻڏي ويل جهاز کوئي نگوين - 18 جا آهن، جهاز ۾ مجموعي طور تي 62 ماڻهو سوار هئا. عملدارن …

بيجنگ- 26 جولاءِ (اي پي پي) ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ نانشا ٻيٽ ويجهو يونگ شوريف وٽ ويٽنام جو جهاز ٻڏي ويو، جنهن کان پوءِ آچر جي صبح تائين 37 ڄڻن کي حفاظت سان بچايو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي شهر سانشا جي عملدارن ٻڌايو ته بچايل سمورا ماڻهو ويٽنام جي ٻڏي ويل جهاز کوئي نگوين – 18 جا آهن، جهاز ۾ مجموعي طور تي 62 ماڻهو سوار هئا. عملدارن ٻڌايو ته ڇنڇر جي شام تي چيني ٽرانسپورٽ واري وزارت جي نانهائي ريسڪيو بيورو جي امدادي جهاز نانهائي جيو 115 سمنڊ ۾ راڪيٽ پيراشوٽ ذريعي موڪليل هنگامي سگنل ڏٺو، جنهن کانپوءِ امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون. سانشا ميري ٽائيم سرچ اينڊ ريسڪيو عملدارن مطابق کوئي نگوين – 18 ويٽنام ۾ رجسٽرڊ جهاز آهي، جنهن جي ڊيگهه 69.9 ميٽر ۽ مجموعي وزن 999 ٽن آهي. عملدارن ٻڌايو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولها لاءِ امدادي ڪارروائيون جاري آهن.