چين جي ڊجيٽل صنعت جي آمدني 2025ع دوران 39.6 ٽريلين يوان رهي

بيجنگ- 26 جولاءِ (اي پي پي) چين جي ڊجيٽل صنعت جي آمدني 2025ع دوران 39.6 ٽريلين يوان رهي. سي جي ٽي اين، اسٽيٽ انٽرنيٽ انفارميشن آفيس طرفان جاري ڪيل نيشنل انفارميٽائيزيشن ڊولپمنٽ رپورٽ (2025ع) جي حوالي سان ٻڌايو ته 2025ع ۾ چين جي ڊجيٽل معيشت جي بنيادي شعبن ۾ اضافي قدر جي ڊي پي جي 10.5 سيڪڙو کان وڌيڪ تائين پهچي وئي. ان دوران چين جي ڊجيٽل صنعت جي مجموعي …

بيجنگ- 26 جولاءِ (اي پي پي) چين جي ڊجيٽل صنعت جي آمدني 2025ع دوران 39.6 ٽريلين يوان رهي. سي جي ٽي اين، اسٽيٽ انٽرنيٽ انفارميشن آفيس طرفان جاري ڪيل نيشنل انفارميٽائيزيشن ڊولپمنٽ رپورٽ (2025ع) جي حوالي سان ٻڌايو ته 2025ع ۾ چين جي ڊجيٽل معيشت جي بنيادي شعبن ۾ اضافي قدر جي ڊي پي جي 10.5 سيڪڙو کان وڌيڪ تائين پهچي وئي. ان دوران چين جي ڊجيٽل صنعت جي مجموعي آمدني 39.6 ٽريلين يوان رهي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 8.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. چين ۾ شهرين جي ڊجيٽل کپت جو ڪاٿو 25.3 ٽريلين يوان تائين پهچي ويو، جنهن ۾ ساليانو بنيادن تي 8.7 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.