روس جو فوجي تربيتي جهاز ٽيڪ آف دوران تباهه

ماسڪو- 25 جولاءِ (اي پي پي) روس جو هڪ فوجي تربيتي جهاز ٽيڪ آف دوران ماسڪو جي علائقي ۾ حادثي جو شڪار ٿي پيو، جنهن ۾ پائليٽ وقت تي اجيڪٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ محفوظ رهيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق روسي دفاع واري وزارت ٻڌايو ته حادثي وقت جهاز ۾ ڪو به هٿيار يا ٻيو سامان موجود نه هو. جهاز غير آباد علائقي ۾ ڪرڻ سبب زمين تي ڪنهن …

ماسڪو- 25 جولاءِ (اي پي پي) روس جو هڪ فوجي تربيتي جهاز ٽيڪ آف دوران ماسڪو جي علائقي ۾ حادثي جو شڪار ٿي پيو، جنهن ۾ پائليٽ وقت تي اجيڪٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ محفوظ رهيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق روسي دفاع واري وزارت ٻڌايو ته حادثي وقت جهاز ۾ ڪو به هٿيار يا ٻيو سامان موجود نه هو. جهاز غير آباد علائقي ۾ ڪرڻ سبب زمين تي ڪنهن قسم جو جاني يا مالي نقصان ناهي ٿيو. وزارت مطابق پائليٽ حادثي ۾ محفوظ رهيو. شروعاتي جاچ مطابق جهاز حادثي جو امڪاني سبب فني خرابي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.