لبنان ۾ 7 لک 50 هزار بي گهر ماڻهو واپس گهرن ڏانهن موٽي آيا: گڏيل قومون

گڏيل قومون- 25 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني ۽ امدادي ادارن ٻڌايو آهي ته لبنان ۾ بي گهر ٿيل 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن مان 7 لک 50 هزار کان وڌيڪ پنهنجي گهرن ڏانهن واپس موٽي چڪا آهن، جڏهن ته اڃان به 3 لک 75 هزار ماڻهو لڏپلاڻ جي حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن واري آفيس مطابق ڪيترا …

گڏيل قومون- 25 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني ۽ امدادي ادارن ٻڌايو آهي ته لبنان ۾ بي گهر ٿيل 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن مان 7 لک 50 هزار کان وڌيڪ پنهنجي گهرن ڏانهن واپس موٽي چڪا آهن، جڏهن ته اڃان به 3 لک 75 هزار ماڻهو لڏپلاڻ جي حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني معاملن واري آفيس مطابق ڪيترا ئي متاثر سيڪيورٽي خدشن، گهرن ۽ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان ۽ بارودي مواد جي خطرن سبب واپس ناهن وڃي سگهيا. ادار جي تازي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لبنان ۾ جاري غير يقيني سيڪيورٽي صورتحال، طبي عملي ۽ امدادي ڪارڪنن لاءِ شديد خطرو بڻيل آهي.