گڏيل قومون- 25 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي آسٽريا سان تعلق رکندڙ وولڪرترڪ کي وڌيڪ 4 سال لاءِ انساني حقن بابت گڏيل قومن جو ٻيهر هاءِ ڪمشنر مقرر ڪرڻ جي رٿ منظور ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وولڪرترڪ جون نئون ملازمت جو مدو 12 آڪٽوبر 2026ع کان شروع ٿيندو ۽ 11 آڪٽوبر 2030ع تائين جاري رهندو. رٿ جي حق ۾ 144 ملڪن ووٽ ڏنو، جڏهن ته 10 …
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي وولڪرترڪ کي انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر طور ٻيهر مقرر ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
گڏيل قومون- 25 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي آسٽريا سان تعلق رکندڙ وولڪرترڪ کي وڌيڪ 4 سال لاءِ انساني حقن بابت گڏيل قومن جو ٻيهر هاءِ ڪمشنر مقرر ڪرڻ جي رٿ منظور ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وولڪرترڪ جون نئون ملازمت جو مدو 12 آڪٽوبر 2026ع کان شروع ٿيندو ۽ 11 آڪٽوبر 2030ع تائين جاري رهندو. رٿ جي حق ۾ 144 ملڪن ووٽ ڏنو، جڏهن ته 10 ملڪن ان جي مخالفت ڪئي ۽ 13 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. اجلاس جي شروعات ۾ آمريڪا طرفان ووٽنگ هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪرڻ جي تجويز کي جنرل اسيمبلي رد ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه روس طرفان پيش ڪيل هڪ ٻئي رٿ، جنهن ۾ وولڪرترڪ جو مقرري جو مدو صرف 12 آڪٽوبر کان 31 ڊسمبر 2026ع تائين محدود رکڻ جي تجويز به ڏني وئي، اها به منظور نه ٿي سگهي. واضح رهي ته جنرل اسيمبلي سيپٽمبر 2022ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنلر جي سفارش تي وولڪرترڪ کي پهريون ڀيرو 12 آڪٽوبر 2022ع کان 11 آڪٽوبر 2026ع جي 4 سال جي مدي لاءِ انساني حقن جو هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو هو.











