وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي ريجنل هيڊ جو بي آءِ ايس پي زونل آفيس ۽ رجسٽريشن سينٽر حيدرآباد جو دؤرو

حيدرآباد-24 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ، ريجنل آفيس حيدرآباد جي سينيئر ايڊوائيزر ۽ ريجنل هيڊ غلام رسول آهپن جمعي ڏينهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي زونل آفيس حيدرآباد ۽ ان جي رجسٽريشن جو دؤرو ڪيو.  ان دؤري جو مقصد بي آءِ ايس پي جي آفيس ۽ رجسٽريشن سينٽر جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ، عام شهرين کي ملندڙ سهولتن جو مشاهدو ڪرڻ ۽ رجسٽريشن …

حيدرآباد-24 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ، ريجنل آفيس حيدرآباد جي سينيئر ايڊوائيزر ۽ ريجنل هيڊ غلام رسول آهپن جمعي ڏينهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي زونل آفيس حيدرآباد ۽ ان جي رجسٽريشن جو دؤرو ڪيو.  ان دؤري جو مقصد بي آءِ ايس پي جي آفيس ۽ رجسٽريشن سينٽر جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ، عام شهرين کي ملندڙ سهولتن جو مشاهدو ڪرڻ ۽ رجسٽريشن لاءِ اختيار ڪيل طريقيڪار سميت درخواستگذارن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪيل ڪوششن جو جائزو وٺڻ هو. بي آءِ ايس پي زونل آفيس پهچڻ تي فيض علي اعواڻ، زونل انچارج بي آءِ ايس پي حيدرآباد ريجنل هيڊ جو استقبال ڪيو ۽ کيس آفيس جي مجموعي انتظامي معاملن، رجسٽريشن جي طريقيڪار، عوامي سهولتن لاءِ ڪيل انتظامن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. دؤري دوران ريجنل هيڊ بي آءِ ايس پي زونل آفيس جي مختلف شعبن جو جائزو ورتو ويو. بعد ۾ رجسٽريشن سينٽر جو دؤرو ڪندي اتي جاري رجسٽريشن ۽ تصديقي عمل جو جائزو ورتو. هن شهرين خاص ڪري عورتن، بزرگ ماڻهن ۽ معاشري جي ٻين ڪمزور طبقن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن ۽ ان جي رجسٽريشن بابت خدمتن جي حاصلات لاءِ ڪيل انتظامن جو به جائزو ورتو. ريجنل هيڊ عوامي خدمتن جي فراهميءَ ۾ شفافيت، مؤثريت، آسان رسائي ۽ عوامي شڪايتن جي وقت سر ازالي جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته سرڪاري آفيسن سان رجوع ڪندڙ شهرين سان احترام ۽ سهڻي نموني پيش اچڻ گهرجي، کين غير ضروري مشڪلاتن ۽ دير کان بچڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.

مزید خبریں