ڪراچي-24 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن امن امان قائم رکڻ، دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ ۽ سڄي صوبي ۾ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جديد، پيشيور، تربيت يافته ۽ عوام دوست پوليس فورس کي ضروري قرار ڏيندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي حڪومتي عزم کي ورجايو. شهيد حيات پوليس ٽريننگ ڪاليج، سعيد آباد ۾ ريڪروٽ ٽريننگ ڪورس …
سنڌ جي وڏي وزير پاران امن امان قائم رکڻ، دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ ۽ سڄي صوبي ۾ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ عوام دوست پوليس فورس ضروري قرار

مزید خبریں
ڪراچي-24 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن امن امان قائم رکڻ، دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ ۽ سڄي صوبي ۾ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جديد، پيشيور، تربيت يافته ۽ عوام دوست پوليس فورس کي ضروري قرار ڏيندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي حڪومتي عزم کي ورجايو. شهيد حيات پوليس ٽريننگ ڪاليج، سعيد آباد ۾ ريڪروٽ ٽريننگ ڪورس (آر ٽي سي) بيچ-5 /2025 جي 132 هين پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي 315 عورت اهلڪارن سميت 974 نئين تربيت يافته تازو ڀرتي ٿيل اھلڪارن کي مبارڪون ڏنيون ۽ کين سنڌ پوليس جي طاقت ۾ هڪ نئون ۽ باصلاحيت اضافو قرار ڏنو. تقريب ۾ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ جاويد عالم اوڍو، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ذوالفقار لاڙڪ، ڊي آءِ جي ٽريننگ فيض الله ڪوريجو، پرنسپال شهيد حيات پوليس ٽريننگ ڪاليج، ايس ايس پي عديل چانڊيو، سينئر پوليس آفيسرن، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ گريجوئيٽ ڪندڙ رنگروٽن جي خاندانن شرڪت ڪئي. پوليس جي هڪ جٿي وڏي وزير جي آمد جو اعلان ڪرڻ لاءِ بوگل وڄايو. سينئر پوليس آفيسرن سندس استقبال ڪيو ۽ بعد ۾ کيس روايتي کليل جِيپ ۾ پريڊ جو معائنو ڪرايو ويو. هڪ چست جٿي کيس اعزازي سلامي پيش ڪئي جڏهن ته تقريب جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿيو. نئين ڀرتي ٿيل اهلڪارن آئين سان وفاداري، قوم جي خدمت ۽ قانون جي بالادستي جي پاسداري جو حلف کنيو. هنن پنهنجي تربيت دوران حاصل ڪيل مهارتن جي عڪاسي ڪندڙ شاندار حڪمت عملي ۽ پيشيور مظاهرا پڻ پيش ڪيا. وڏي وزير نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ نئين ڀرتي ٿيل اهلڪارن ۾ ايوارڊ ۽ اعزازي شيلڊون ورهايون ۽ بعد ۾ ڪاليج انتظاميا کان هڪ يادگاري شيلڊ وصول ڪئي.











