صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان مڪاني کاتي جي سيڪريٽري وسيم شمشاد جي ملاقات

ڪراچي-24 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سان مڪاني کاتي جي سيڪريٽري وسيم شمشاد ملاقات ڪئي، جنهن دوران صوبي ۾ امڪاني سانوڻي جي برساتن، شهري علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال جي انتظامن، مڪاني ادارن جي تيارين ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو. امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي هن صوبي جي سمورن مڪاني ادارن، ميونسپل ڪارپوريشنن، ميونسپل ڪميٽين، …

ڪراچي-24 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سان مڪاني کاتي جي سيڪريٽري وسيم شمشاد ملاقات ڪئي، جنهن دوران صوبي ۾ امڪاني سانوڻي جي برساتن، شهري علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال جي انتظامن، مڪاني ادارن جي تيارين ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو. امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي هن صوبي جي سمورن مڪاني ادارن، ميونسپل ڪارپوريشنن، ميونسپل ڪميٽين، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنن ۽ لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن هدايت ڪئي ته برساتن کان اڳ سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪيا وڃن ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سمورن مڪاني ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن جون موڪلون فوري طور رد ڪري کين ڊيوٽي تي حاضر رهڻ جو پابند بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري ڪارروائي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته هيٺاهين وارن علائقن، اهم شاهراهن، انڊر پاسن، برساتي نالن ۽ حساس هنڌن جي خاص نگراني ڪئي وڃي ۽ جتي به پاڻي بيهڻ جو امڪان هجي، اتي اڳواٽ انتظام مڪمل رکيا وڃن. هن مڪاني کاتي جي ادارن کي هدايت ڪئي ته ڊي واٽرنگ پمپن، سڪسيشن مشينن، هيوي مشينري، جنريٽرن ۽ ٻين ضروري سامان کي لاڳاپيل هنڌن تي مڪمل طور تي فعال حالت ۾ رکيو وڃي ته جيئن برسات دوران پاڻي جي نيڪال جو ڪم بنا دير شروع ڪري سگهجي. هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته برساتي نالن، ڊرينيج سسٽم ۽ سيوريج لائينن جي صفائي جو ڪم ترت مڪمل ڪيو وڃي ۽ سمورا ادارا پاڻ ۾ مڪمل رابطي سان ڪم ڪن. ملاقات دوران عوامي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ ڪنٽرول رومز کي فعال رکڻ، فيلڊ ٽيمن کي 24 ڪلاڪ الرٽ رهڻ ۽ هنگامي ريسپانس کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو ويو. وزير مڪاني ادارن سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت شهرين کي بهتر شهري سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سندن جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي، تنهن ڪري لاڳاپيل ادارا پنهنجي ذميوارين کي مڪمل فرض شناسي ۽ پيشيور انداز سان نڀائين ته جيئن امڪاني مون سون برساتن دوران عوام کي گهٽ ۾ گهٽ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي.

مزید خبریں