لاڙڪاڻو ۾ 18 روپوش جوابدارن پوليس آڏو پيش ٿي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

لاڙڪاڻو-24 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ 18 روپوش جوابدارن پوليس آڏو پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ لاڳاپيل ڳوٺن ۽ علائقن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي وئي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري ٻڌايو ته موريا آگاڻي پراڻي تڪرار جا اهم ڪردار بڻيل 18 روپوش جوابدارن لاڙڪاڻو پوليس آڏو سرينڊر ڪيو آهي. جن ۾ سڪيلڌو آگاڻي، رحيمداد آگاڻي، آصف آگاڻي، ظهير آگاڻي، مهتاب …

لاڙڪاڻو-24 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ 18 روپوش جوابدارن پوليس آڏو پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ لاڳاپيل ڳوٺن ۽ علائقن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي وئي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري ٻڌايو ته موريا آگاڻي پراڻي تڪرار جا اهم ڪردار بڻيل 18 روپوش جوابدارن لاڙڪاڻو پوليس آڏو سرينڊر ڪيو آهي. جن ۾ سڪيلڌو آگاڻي، رحيمداد آگاڻي، آصف آگاڻي، ظهير آگاڻي، مهتاب آگاڻي، رابيل آگاڻي، سعيد آگاڻي، عبدالرزاق آگاڻي، امام الدين آگاڻي، الله وڌايو آگاڻي، اوشاق آگاڻي، الله داد آگاڻي، خالد آگاڻي، عبدالحميد آگاڻي، گل حسن آگاڻي، رجب آگاڻي، محب آگاڻي ۽ نثار آگاڻي شامل آهن. هن ٻڌايو ته سرينڊر ڪندڙ سمورا جوابدار پنهنجن پنهنجن ڪيسن ۾ لاڳاپيل عدالتن آڏو پيش ٿي قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيندا. قانون آڏو پيش ٿيندڙن ۾ 4 اهڙا روپوش جوابدار پڻ شامل آهن، جيڪي شهيد پوليس اهلڪار محمد رمضان جروار جي شهادت واري ڪيس ۾ پوليس کي انتهائي گهربل هئا. ايس ايس پي موجب لاڙڪاڻو پوليس جي بنا فرق ڪارروائين سبب ضلعي اندر نسلن کان هلندڙ دشمنين جو خاتمو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته نئون ديرو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پائيدار امن لاءِ راهه هموار ٿي آهي. هن خوني تڪرار سبب سوين ايڪڙ زرعي زمينون غيرآباد ٿي ويون هيون ۽ آباد ڳوٺ ويران بڻجي ويا هئا. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري چيو ته امن امان قائم رکڻ جي عزم سان يقين ڏياريون ٿا ته قانون آڏو پيش ٿيندڙ ڪنهن به شخص سان ڪا به ناجائزي يا ناانصافي نه ڪئي ويندي.

مزید خبریں