گڏيل قومون-24 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي الزامن کي بي بنياد ۽ گمراهه ڪن قرار ڏيندي ان تي زور ڀريو آهي ته ڀارت سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2788 تي عملدرآمد، پنهنجي معاهداتي واعدن جي پاسداري ۽ ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل لاءِ بامعنيٰ قدم کڻي ته جيئن ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ راهه هموار ٿي سگهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن جي قونصلر …
ڀارت ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل لاءِ بامعنيٰ قدم کڻي، سنڌو درياهه جي پاڻي کي جنگي هٿيار طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي: پاڪستان

مزید خبریں
گڏيل قومون-24 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي الزامن کي بي بنياد ۽ گمراهه ڪن قرار ڏيندي ان تي زور ڀريو آهي ته ڀارت سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2788 تي عملدرآمد، پنهنجي معاهداتي واعدن جي پاسداري ۽ ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل لاءِ بامعنيٰ قدم کڻي ته جيئن ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ راهه هموار ٿي سگهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن جي قونصلر صائمه سليم 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارتي نمائندي هريش پرواٿنيني جي بيان جي جواب ۾ چئي. ڀارتي نمائندي يو اين سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار جي خطاب (جنهن ۾ هن قرارداد 2788 جو حوالو ڏنو ۽ ان جي روشنيءَ ۾ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو هو) جي جواب ۾ چيو هو ته پاڪستان پنهنجي اندروني مسئلن تي توجهه ڏي ۽ ڪشمير کي ڀارت جو اڻٽٽ ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو حصو قرار ڏنو. پاڪستاني قونصلر سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارتي نمائندي جي بيان جي ردِعمل ۾ چيو ته آزاد ڄمون ڪشمير ۽ـ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي صورتحال ۾ واضح فرق آهي. هن چيو ته آزاد ڄمون ڪشمير ۾ عوام آزاديءَ سان زندگي گذاري رهيو آهي ۽ سياسي عمل ۾ حصو وٺي ٿو ۽ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿو، جڏهن ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ اختلافِ راءِ کي دٻايو ويندو آهي، هزارين ماڻهن کي حراست ۾ رکيو ويو آهي، عدالت کان مٿانهن قتل، جبري گمشدگيون، تڪرارن بابت جنسي تشدد، آباديءَ جي شرح ۾ تبديلي ۽ خوداراديت واري حق کان محروميءَ جهڙا قدم جاري آهن. پاڪستاني قونصلر چيو ته ڄمون ڪشمير نه ته ڀارت جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ نه ئي ان جو داخلي معاملو آهي. هن چيو ته ڀارت جي ترديد نه تاريخ بدلي سگهي ٿو نه ڄمون ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت ختم ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪشميري عوام خلاف گذريل تقريبن 8 ڏهاڪن کان جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي لڪائي سگهي ٿو. هن ياد ڏياريو ته ڀارت پاڻ هي مسئلو سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو هو پر اڄ به ان قرارداد تي عملدرآمد نه ڪري رهيو آهي. هن ڀارتي نمائندي کي چيو ته مان اوهان کي اهو ياد ڏياريان ٿي ته سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جو ڪو مُدو ختم نٿو ٿئي. صائمه سليم سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري ڀارتي فيصلي کي هڪ طرفو ۽ غير قانوني قرار ڏيندي چيو ته سنڌو درياهه جو پاڻي پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي زندگيءَ جي علامت آهي، ان کي جنگ جي هٿيار طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي. ڀارت طرفان اهڙو غير ذميواراڻو عمل ڏکڻ ايشيا جي امن ۽ سلامتيءَ کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارت تحريڪِ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي)، بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) ۽ ان جي مجيد برگيڊ جهڙن گروهن جي سرپرستي ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته ڀارتي بحريه جو حاضر سروس ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو کان وٺي اُتر آمريڪا ۾ ڀارتي ايجنٽن سان واڳيل مبينه قتل جي سازشن تائين ڀارت جي مبينه دهشتگرد سرگرمين جو دائرو علائقائي سطح کان وڌي عالمي سطح تائين پهچي چڪو آهي. صائمه سليم چيو ته ڀارت ۾ هندو توا کان متاثر ساڄي ڌُر جي آر ايس ايس، بي جي پي حڪومت اسلاموفوبيا کي رياستي پاليسيءَ جي شڪل ڏئي ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڪروڙ کان وڌيڪ مسلمانن خلاف چِڙ ڏياريندڙ ۽ مبينه نسل ڪشي جهڙا قدم معمول بڻايا پيا وڃن. هن چيو ته عيستائين سميت ٻين مذهبي اقليتن کي به مبينه طور نشانو بڻايو پيو وڃي، دلتن سان غير انساني سلوڪ ڪيو ويندو آهي ۽ سکن کي سندن حقن کان محروم رکيو ويو آهي، جنهن کي هن دنيا جي سڀ کان وڏي منافقت قرار ڏنو. قونصلر چيو ته پاڪستان چِڙ ڏياريندڙ ۽ جارحيت باوجود هميشه تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ ڳالهين جا دروازا کُليل رکيا ۽ خطي ۾ تڪرارن جي حل لاءِ پُرامن رستو اختيار ڪيو. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو رستو انڪار يا هٺ ڌرميءَ ۾ نه پر گڏيل قومن جي منشور ۽ عالمي قانون تي عمل ڪرڻ ۾ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڀارت سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2788 تي ان جي روح ۽ متن موجب عمل ڪندو ۽ پنهنجي عالمي معاهداتي واعدو پورو ڪندو ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل لاءِ سنجيده ڳالهيون ڪندو.











