بنگلاديش جي صدر محمد شهاب الدين استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڍاڪا-24 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش جي صدر محمد شهاب الدين جمعي ڏينهن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب صدر جي استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ عبوري صدر جي چونڊ لاءِ آئيني عمل شروع ڪيو ويو آهي. کيس اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جو ويجهو ساٿي تصور ڪيو ويندو آهي. هن پنهنجو آئيني مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽن موجب …

ڍاڪا-24 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش جي صدر محمد شهاب الدين جمعي ڏينهن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب صدر جي استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ عبوري صدر جي چونڊ لاءِ آئيني عمل شروع ڪيو ويو آهي. کيس اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جو ويجهو ساٿي تصور ڪيو ويندو آهي. هن پنهنجو آئيني مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽن موجب 11 جماعتي اپوزيشن اتحاد پاران صدر کان استعيفيٰ ڏيڻ جي مطالبي کان پوءِ حڪومت صدر تي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هو.

مزید خبریں