الخدمت فائونڊيشن سنڌ پاران بدين ۾ خصوصي ماڻهن ۾ ويل چيئرون ورهايون ويون

بدين- 24 جولاءِ (اي پي پي) الخدمت فائونڊيشن سنڌ پاران بدين ۾ خصوصي ماڻهن ۾ ويل چيئرون ورهايون ويون. بدين جيم خانا ۾ ٿيل تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪاشف رضا منگي، اسسٽنٽ ڪمشنر راجيش ڪمار، جماعت اسلامي ضلعي بدين جي امير سيد علي مردان شاهه گيلاني، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي سينيئر نائب صدر تنوير احمد آرائين، الخدمت ضلعي صدر غلام رسول احمداڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مقررن خطاب …

بدين- 24 جولاءِ (اي پي پي) الخدمت فائونڊيشن سنڌ پاران بدين ۾ خصوصي ماڻهن ۾ ويل چيئرون ورهايون ويون. بدين جيم خانا ۾ ٿيل تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪاشف رضا منگي، اسسٽنٽ ڪمشنر راجيش ڪمار، جماعت اسلامي ضلعي بدين جي امير سيد علي مردان شاهه گيلاني، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي سينيئر نائب صدر تنوير احمد آرائين، الخدمت ضلعي صدر غلام رسول احمداڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مقررن خطاب ڪندي چيو ته الخدمت فائونڊيشن بنا ڪنهن فرق جي انسانيت جي خدمت ڪري رهي آهي، جيڪا قابلِ تحسين آهي. هنن چيو ته خصوصي ماڻهن، يتيمن، بيواهن ۽ مستحق خاندانن جي سهائتا سان گڏ روزگار، تعليم، صحت ۽ بنا وياج قرضن جا منصوبا به جاري آهن. تقريب جي پڄاڻي تي مستحق خصوصي ماڻهن ۾ ويل چيئرون ورهايون ويون، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن سماجي ڀلائي لاءِ سرڪاري ادارن ۽ فلاحي تنظيمن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

مزید خبریں