بدين ضلعي ۾ منشيات فروشن خلاف پُوليس جُون ڪارراويُون جاري، ماتلي پوليس پاران جوابدار آئيس جي نشي سميت گرفتار

بدين- 24 جولاءِ (اي پي پي) بدين ضلعي ۾ منشيات فروشن خلاف پُوليس جُون ڪارراويُون جاري آهن، ماتلي پوليس جوابدار کي آئيس جي نشي سميت گرفتار ڪري ورتو. ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج ۽ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي جي هدايتن تي ايس ايڇ او ماتلي محمود خان پٺاڻ آئيس فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او ماتلي ٽيم سميت شهر ۾ گشت دوران …

بدين- 24 جولاءِ (اي پي پي) بدين ضلعي ۾ منشيات فروشن خلاف پُوليس جُون ڪارراويُون جاري آهن، ماتلي پوليس جوابدار کي آئيس جي نشي سميت گرفتار ڪري ورتو. ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج ۽ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي جي هدايتن تي ايس ايڇ او ماتلي محمود خان پٺاڻ آئيس فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او ماتلي ٽيم سميت شهر ۾ گشت دوران ڪاروائي ڪندي جوابدار نظير عرف بگو ڪشميري کي گرفتار ڪندس کانئس 8 گرام آئيس برآمد ڪري ايف آءِ ار داخل ڪري ورتي آهي، ان حوالي سان ايس ايڇ او ماتلي جو چوڻ آهي ته آئيس جو نشو انسانن لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ آهي جنهن جي خلاف پوليس ڏينهن رات ڪارروايون ڪري رهي آهي ۽ عوام به ماتلي پوليس جو ساٿ ڏي جيئن ڪاروايون وڌيڪ تيز ڪندي منشيات فروشن کي انجام تائين پهچايو وڃي.

مزید خبریں