حيدرآباد - 24 جولاءِ (اي پي پي) ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ڏوهن خلاف اثرائتيون ڪارروائيون ڪرڻ سميت امن امان لاءِ مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي تي پنهنجي آفيس ۾ ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ ۽ ايس ايس پي ٽنڊو الهيار سيد سليم شاهه کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا. ان موقعي تي ڊي آءِ جي چيو ته بهترين ڪارڪردگي جو اعتراف ڪنهن به اداري جي مضبوط پيشيواراڻي روايت آهي. هن چيو ته فرض شناس آفيسر نه رڳو …
ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد پاران بهترين ڪارڪردگي تي ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊو الهيار کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا

مزید خبریں
حيدرآباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ڏوهن خلاف اثرائتيون ڪارروائيون ڪرڻ سميت امن امان لاءِ مجموعي طور تي بهترين ڪارڪردگي تي پنهنجي آفيس ۾ ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ ۽ ايس ايس پي ٽنڊو الهيار سيد سليم شاهه کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا. ان موقعي تي ڊي آءِ جي چيو ته بهترين ڪارڪردگي جو اعتراف ڪنهن به اداري جي مضبوط پيشيواراڻي روايت آهي. هن چيو ته فرض شناس آفيسر نه رڳو کاتي بلپر معاشري لاءِ فخر جوڳا آهن انهن جي سٺي ڪارڪردگي کي ساراهڻ جو مقصد رڳو انفرادي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ نه پر سموري پوليس فورس ۾ عوامي خدمت جي جذبي کي هٿي ڏيڻ آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻئي آفيسر آئينده به ساڳئي جذبي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي عوام دوست پوليسنگ کي هٿي ڏيڻ نمايان ڪرادار ادا ڪندا رهندا.











