بنون پوليس ۽ سيڪورٽي فورسز پاران پهاڙي علائقي تلگئي ۾ گڏيل آپريشن،4  دهشتگرد مارجي ويا، 5 شڪي گرفتار، 2 پوليس اهلڪار زخمي

پشاور-24 جولاءِ (اي پي پي) بنون پوليس ۽ سيڪورٽي فورسز پهاڙي علائقي تلگئي ۾ گڏيل آپريشن ڪيو جنهن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 5 شڪي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. بنون پوليس جي ترجمان مطابق سب ڊويزن وزير جي پهاڙي سلسلي تلگئي ۾ ڳجهي اطلاع تي بنون پوليس، سي ٽي ڊي ۽ سيڪيورٽي فورسز گڏيل …

پشاور-24 جولاءِ (اي پي پي) بنون پوليس ۽ سيڪورٽي فورسز پهاڙي علائقي تلگئي ۾ گڏيل آپريشن ڪيو جنهن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 5 شڪي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. بنون پوليس جي ترجمان مطابق سب ڊويزن وزير جي پهاڙي سلسلي تلگئي ۾ ڳجهي اطلاع تي بنون پوليس، سي ٽي ڊي ۽ سيڪيورٽي فورسز گڏيل انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آپريشن ۾ ايس پي سي ٽي ڊي ۽ ٻين جوانن حصو ورتو. آپريشن دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز تي شديد فائرنگ ڪئي، جنهن جي جواب ۾ فورسز جرئت ۽ پيشوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي ڀرپور ڪارروائي ڪئي ۽ اٽڪل 7 ڪلاڪن تائين جاري آپريشن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 5 شڪي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مارجي ويل دهشتگردن وٽان 2 ڪلاشنڪوف، هڪ رائيفل ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.آپريشن ۾ ايس ايڇ او ۽ هڪ پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻنهي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. علائقي ۾ سرچ آپريشن ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن ڪنهن به امڪاني خطري جو مڪمل خاتمو ڪري سگهجي ۽ علائقي کي هر لحاظ کان محفوظ بڻائي سگهجي.