يورپي يونين روس خلاف پابندين جي 21 پيڪجن جي توثيق ڪري ڇڏي

برسلز - 24 جولاءِ (اي پي پي)يورپي يونين روس خلاف پابندين جي 21هين پيڪجن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يورپي يونين جي هڪ سفارتڪار ٻڌايو ته تنظيم جي سفيرن ان نئين قدم جي توثيق ڪري ڇڏي آهي جنهن کي 27 ميمبر ملڪن طرفان باضابطه منظوري جي ضرورت باقي آهي. ان پيڪيج ۾ روس جي مالياتي ۽ توانائي جي شعبن کي هدف بڻايو ويو آهي.سفارتڪار چيو ته نون قدمن تحت روس فاسل فيول جي …

برسلز – 24 جولاءِ (اي پي پي)يورپي يونين روس خلاف پابندين جي 21هين پيڪجن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يورپي يونين جي هڪ سفارتڪار ٻڌايو ته تنظيم جي سفيرن ان نئين قدم جي توثيق ڪري ڇڏي آهي جنهن کي 27 ميمبر ملڪن طرفان باضابطه منظوري جي ضرورت باقي آهي. ان پيڪيج ۾ روس جي مالياتي ۽ توانائي جي شعبن کي هدف بڻايو ويو آهي.سفارتڪار چيو ته نون قدمن تحت روس فاسل فيول جي آمدني کي محدود ڪرڻ جي توثيق ۾ روس جي تيل جي روانگي واپار لاءِ عالمي قيمت جي حد جي پاڻ ڀري ترميم کي هڪ سال لاءِ معطل ڪيو ويندو. تيل جي حد جو لاڳو روس جي تيل تي ٿيندو جيڪو يورپي يونين جي غير ميمبر ملڪن جيئن ڀارت، چين ۽ ترڪيه کي وڪرو ڪيو ويندو آهي تي ٿيندو. يورپي ڪميشن جي صدر ارسلاوان ڊيئرلئن چيو ته روسي تيل جي قيمت جي حد جي ترميم هڪ سال لاءِ منجمند ڪرڻ  جيڪا يورپي يونين جي 21 هين  پابندين جي پيڪج جو حصو آهي جنهن جي منظوري ڏني وئي ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته روسي جنگي مشين مارڪيٽ جي لوڏن مان فائدو نه کڻي سگهي . هن چيو ته ان پيڪج ۾ يورپي يونين جي ڏي وٺ جي پابندي جي لسٽ ۾ 32 روسي بينڪن، ڪرپٽو ڪرنسي ڪمپني ۽ تيل جي واپار جي پليٽ فارمز جو اضافو به شامل آهي . اهو روس جي شيڊو فليٽ کي تعاون فراهم ڪندڙ جهازن کي نشانو بڻائيندو آهي.