سعودي عرب جو الشرقيه ريجن شديد گرمي جي لپيٽ هيٺ، موسميات کاتي پاران گرمي پد 50 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جي وارننگ جاري

رياض - 24 جولاءِ(اي پي پي)سعودي عرب جو الشرقيه ريجن شديد گرمي جي لهر جي لپيٽ هيٺ آهي. موسميات کاتي جي قومي مرڪز گذريل ڏينهن گرمي پد 49 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جي وارننگ ڏني هئي. دمام ۽ ظهران ، خفجي، النعريريه، قريه العليا حبيل، راس تنوره، قطيف، الخبر، بقيق، العديد، الحسا ۽ پسگردائي وارا علائقا گرمي سبب متاثر ٿيا آهن، گذريل ڏينهن الاحسا، دمام وادي الدواسر ۾ گرمي پد 48 سينٽي گريڊ جڏهن ته …

رياض – 24 جولاءِ(اي پي پي)سعودي عرب جو الشرقيه ريجن شديد گرمي جي لهر جي لپيٽ هيٺ آهي. موسميات کاتي جي قومي مرڪز گذريل ڏينهن گرمي پد 49 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جي وارننگ ڏني هئي. دمام ۽ ظهران ، خفجي، النعريريه، قريه العليا حبيل، راس تنوره، قطيف، الخبر، بقيق، العديد، الحسا ۽ پسگردائي وارا علائقا گرمي سبب متاثر ٿيا آهن، گذريل ڏينهن الاحسا، دمام وادي الدواسر ۾ گرمي پد 48 سينٽي گريڊ جڏهن ته رياض ۽ شفروره ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪيترن ئي رهائشين ٻڌايو ته هاڻي پنهنجا ڪم صبح سوير يا سج لهڻ کان پوءِ شيڊول ڪندا آهيون. منجهد جي وقت جڏهن گرمي پد بلند سطح تي هوندو آهي ٻاهرين سرگرمي کي محدود رکندا آهيون. اختيارين ريجن جي رهائشين کي خاص مشورو ڏنو آهي ته هو مناسب مقدار ۾ پاڻي جو استعمال ڪن، هلڪي رنگ جو لباس پائن ۽ جيترو ممڪن ٿي ٻاهر جسماني مشقت جي ڪمن کان پاسو ڪن. پرڏيهي ميڊيا مطابق الشرقيه جي رهائشن لاءِ 50 ڊگري سينٽي گريڊ جي لڳ ڀڳ گرمي پد هاڻي معمول بڻجي ويو آهي. کين روزانو جو معمول تبديل ڪرڻ گهرجي. موسميات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته الشرقيه جي اڪثر علائقن ۾ گرمي جي موسم دوران گرمي جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي. شهري موسمياتي اپ ڊيٽس تي نظر رکن ۽ لاڳاپيل اختيارين طرفان جاري ڪيل هدايتن تي عمل ڪن.