نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات

اسلام آباد- 24 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي شهر چولپون-آتا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي اڳواڻن پاڪ-چين ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گهڻ طرفي فورمن ۾ تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي تمام گهڻي خوشگوار ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه …

اسلام آباد- 24 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي شهر چولپون-آتا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي اڳواڻن پاڪ-چين ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گهڻ طرفي فورمن ۾ تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي تمام گهڻي خوشگوار ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم پرڏيهي وزير وانگ يي جا ٿورا ادا ڪيا ته هُن شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. چيني پرڏيهي وزير وانگ يي پاڪستان لاءِ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي ايندڙ چيئرمين شپ سنڀالڻ ۽ 2027ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي ميزباني جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں