ڪراچي-23 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته صحت جو شعبو واپار نه پر انسانيت جي خدمت جو مقدس فرض آهي، تنهن ڪري صحت جي نظام کي منافعي بدران عوامي خدمت ۽ ڀلائي جي اصولن کي اختيار ڪيو وڃي. هن چيو ته صحت سميت هر شعبي ۾ رابطن جو تسلسل ۽ گڏيل هم آهنگي ئي ترقي، بهتر ڪارڪردگي ۽ عوام کي معياري سهولتن …
صحت جو شعبو واپار نه پر انسانيت جي خدمت جو مقدس فرض آهي، تنهن ڪري صحت جي نظام کي منافعي بدران عوامي خدمت ۽ ڀلائي جي اصولن کي اختيار ڪيو وڃي: سنڌ جو گورنر

مزید خبریں
ڪراچي-23 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته صحت جو شعبو واپار نه پر انسانيت جي خدمت جو مقدس فرض آهي، تنهن ڪري صحت جي نظام کي منافعي بدران عوامي خدمت ۽ ڀلائي جي اصولن کي اختيار ڪيو وڃي. هن چيو ته صحت سميت هر شعبي ۾ رابطن جو تسلسل ۽ گڏيل هم آهنگي ئي ترقي، بهتر ڪارڪردگي ۽ عوام کي معياري سهولتن جي فراهمي جي ضمانت آهي.هنن خيالن جو اظهار هن ٽن ڏينهن واري هيلٿ ڪيئر ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ قونصل جنرلز، معزز مهمانن، ناميارن طبي ماهرن، ڊاڪٽرن، صحت جي شعبي سان لاڳاپيل شخصيتن ۽ مختلف ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي.سنڌ جي گورنر چيو ته، "صفائي اڌ ايمان آهي ۽ علاج کان احتياط بهتر آهي. جيڪڏهن اسان صفائي کي پنهنجي اجتماعي زندگي جو حصو بڻايون ته ڪيترين ئي بيمارين ۽ سماجي مسئلن تي اثرائتي نموني ضابطو آڻي سگهجي ٿو. علاج، آپريشن ۽ طبي خدمتن جي هر مرحلي تي صفائي جي اصولن تي سختي سان عمل ڪرڻ لازمي آهي.هن چيو ته رياست جي بنيادي ذميواري آهي ته هر شهري کي معياري، سستي ۽ آساني سان دستياب طبي سهولتون فراهم ڪري، جڏهن ته طب جو شعبو انسانيت جي خدمت جو مقدس مشن آهي.سنڌ جي گورنر چيو ته صحت سهولت پروگرام جي بحالي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عوام دوست ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته هيلٿ ڪارڊ جو آغاز مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪيو هو ۽ وزيراعظم شهباز شريف ان کي ٻيهر فعال ڪيو ته جيئن عوام کي معياري طبي سهولتون ملي سگهن.هن چيو ته رياست ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ ٻين ماهرن جي تعليم تي وڏو سرمايو خرچ ڪري ٿي، تنهن ڪري تعيلم پرائي نڪتل ماڻهن جي ذميواري آهي ته هو قوم جي بي لوث خدمت کي پنهنجو مقصد بڻائين. "طب جي شعبي ۾ ڪم کي عبادت سمجهي انجام ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن پيشي جو سڌو تعلق انساني جانين سان آهي.سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جا خرچ اڃا به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن، جڏهن ته وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ دانش اسڪولن جو دائرو وڌائي رهي آهي ۽ ڪراچي ۾ به جلد دانش اسڪول قائم ڪيو ويندو.هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ منافعي کان وڌيڪ خدمت جي جذبي کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اين آءِ سي وي ڊي سميت ٻيا سرڪاري طبي ادارا سڄي سنڌ ۾ عوام کي اثرائتيون طبي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن ۽ صحتمند، باوقار ۽ فلاحي معاشري جي تعمير اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.بعد ۾ سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي هيلٿ ڪيئر ايڪسپو جو تفصيلي دورو ڪيو، مختلف اسٽالن جو معائنو ڪيو ۽ جديد طبي اوزارن، دوائن، طبي ٽيڪنالاجي ۽ صحت سان لاڳاپيل شين ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن نمائش ۾ شريڪ ادارن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙي قسم جون نمائشون جديد طبي علمن، تحقيق ۽ صحت جي شعبي ۾ جدت جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.










