برطانوي هاءِ ڪميشن جي اعليٰ سطحي وفد جي شرجيل انعام ميمڻ سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات

ڪراچي-23 جولاءِ (اي پي پي) برطانوي هاءِ ڪميشن جي اعليٰ سطحي وفد سنڌ حڪومت جي سينيئر صوبائي وزيرِ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي اعليٰ سطحي وفد پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان کي درپيش چئلينجن، خطي جي مجموعي صورتحال، خاص طور تي سنڌ ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن، نوجوانن جي فني مهارتن جي واڌاري، عورتن کي بااختيار …

ڪراچي-23 جولاءِ (اي پي پي) برطانوي هاءِ ڪميشن جي اعليٰ سطحي وفد سنڌ حڪومت جي سينيئر صوبائي وزيرِ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي اعليٰ سطحي وفد پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان کي درپيش چئلينجن، خطي جي مجموعي صورتحال، خاص طور تي سنڌ ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن، نوجوانن جي فني مهارتن جي واڌاري، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، ماحولياتي تحفظ ۽ ٻطرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سميت ڪيترن ئي اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. برطانوي هاءِ ڪميشن جي وفد ۾ سياسي صلاحڪار نڪول رابرٽس، ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ٽام برج، سيڪنڊ سيڪريٽري (سياسي) سيم پليس، هدا اڪرام ۽ سارا پينگ شامل هيون، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي وفد جي اڳواڻي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪئي. وفد ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، مڪيش ڪمار چاولا، خاص معاون قاسم نويد قمر، قاسم سراج سومرو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر امداد پتافي پڻ شامل هئا.ملاقات دوران سنڌ حڪومت جي وفد برطانوي وفد کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ويزن تحت صوبي ۾ جاري عوامي ڀلائي، تعليم، روزگار، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، ماحولياتي تحفظ ۽ سيڙپڪاريءَ جي واڌاري بابت کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. برطانوي وفد سنڌ حڪومت جي عوامي ڀلائي، عورتن جي ترقي، ماحول دوست ٽرانسپورٽ، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي منصوبن کي ساراهيندي انهن قدمن کي مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو.ان موقعي تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ماحولياتي تحفظ لاءِ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرائي هڪ انقلابي قدم کنيو آهي. هن ٻڌايو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ملازمت ڪندڙ عورتن ۽ شاگردياڻين کي مفت پنڪ اسڪوٽيون فراهم ڪري رهي آهي، جنهن سان عورتن جي سفر ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي ۽ کين معاشي ۽ سماجي طور وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجهه سال اڳ عورتن پاران ڊرائيونگ لائسنس لاءِ درخواستون ڏيڻ جو انگ لڳ ڀڳ 450 هو، جيڪو هاڻي وڌي 25 هزار تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته اها تبديلي ان پراڻي سوچ کي تبديل ڪرڻ ۾ لاڀائتي ثابت ٿي آهي ته عورتون گاڏي يا موٽر سائيڪل نٿيون هلائي سگهن. سنڌ حڪومت عورتن کي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ برابر موقعا فراهم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جلد اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس پڻ شروع ڪري رهي آهي، جنهن ۾ عورت ڊرائيور عورت مسافرن کي سفري سهولت فراهم ڪنديون. سيڙپڪارن کي اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشنن ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي ذريعي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ نجي شعبي جي همٿ افزائي ڪري رهي آهي. پاڪستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، ان ڪري چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي هدايتن تي شروع ڪيل "آءِ ورڪ فار سنڌ” پليٽ فارم نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جو اثرائتو ذريعو ثابت ٿي رهيو آهي. هن چيو ته فني ۽ ٽيڪنيڪي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، جيئن سنڌ جا نوجوان دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ پنهنجي صلاحيتن وسيلي عزت ڀريو روزگار حاصل ڪري سگهن.شرجيل انعام ميمڻ برطانوي وفد کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر تعمير ڪري رهي آهي، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو آهي. هن چيو ته هن منصوبي تحت متاثر خاندان پنهنجا گهر پاڻ تعمير ڪري رهيا آهن، جنهن سان سندن تعميراتي مهارتن ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته گهرن جي ملڪيت عورتن جي نالي منتقل ڪئي پئي وڃي ته جيئن کين سماجي طور بااختيار بڻائي سگهجي.هن چيو ته سنڌ حڪومت هاري ڪارڊ ذريعي آبادگارن کي مفت ٻج ۽ ڀاڻ فراهم ڪري رهي آهي، جنهن جو مقصد زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ هارين جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ آهي. سنڌ ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي شمار موقعا موجود آهن ۽ برطانيا جا سيڙپڪار انهن موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. هن برطانوي وفد تي زور ڀريو ته هو برطانوي سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري لاءِ همٿائين.شرجيل انعام ميمڻ تجويز پيش ڪئي ته برطانيا جون مشهور يونيورسٽيون سنڌ ۾ پنهنجا ڪيمپس قائم ڪن، جنهن سان هزارين پاڪستاني شاگردن کي عالمي معيار جي تعليم مقامي سطح تي حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاڪ-برطانوي سيڙپڪارن وچ ۾ سهڪار ۽ سيڙپڪاريءَ جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ گڏيل ورڪشاپ منعقد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.ملاقات دوران صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه برطانوي وفد کي بلدياتي حڪومتن لاءِ سنڌ حڪومت جي قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ تي يقين رکي ٿي، جيئن عوام جا مسئلا مقامي سطح تي وڌيڪ اثرائتي نموني حل ڪري سگهجن. خاص معاون قاسم نويد قمر وفد کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جاري منصوبن بابت بريفنگ ڏني ۽ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون سميت سنڌ جي مختلف اقتصادي زونن ۾ سيڙپڪاريءَ جي وسيع موقعن ۽ حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين کان آگاهه ڪيو.ملاقات دوران سنڌ حڪومت جي وفد برطانوي وفد کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران انساني حقن جي مبينا ڀڃڪڙين ۽ ڪشميري عوام کي درپيش مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ عالمي برادريءَ تي زور ڏنو ته انساني حقن جي تحفظ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري.ملاقات جي موقعي تي سنڌ حڪومت جي وفد برطانوي هاءِ ڪميشن جي وفد کي روايتي سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي لنگي تحفي طور پيش ڪئي.

مزید خبریں