سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران بلوچستان ۾ دهشتگردن هٿان سيشن جج ۽ گارڊ جي قتل جي واقعي جي مذمت

ڪراچي-23 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه بلوچستان جي ضلعي مستونگ ڀرسان سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ طارق لاشاري تي ٿيل فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي بيان ۾ اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ سندن گن مين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي بلند درجن، وارثن لاءِ صبر جميل …

ڪراچي-23 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه بلوچستان جي ضلعي مستونگ ڀرسان سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ طارق لاشاري تي ٿيل فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي بيان ۾ اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سيشن جج عبدالحڪيم ڪاڪڙ ۽ سندن گن مين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي بلند درجن، وارثن لاءِ صبر جميل ۽ زخمي جوڊيشل مئجسٽريٽ طارق لاشاري سميت ٻين زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.ھن چيو ته عدليه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا ناقابلِ برداشت آهن ۽ دهشتگرد توڙي انهن جا سهولتڪار پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ رياستي ادارن جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن.اسپيڪر وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پوري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز ۽ رياستي ادارن سان گڏ بيٺل رهندي.

مزید خبریں