ڪراچي-23 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ مسافر بس تي ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين ۽ مسافرن کي نشانو بڻائڻ بدترين وحشت ۽ ناقابلِ برداشت عمل آهي.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته دهشتگرد انسانيت ۽ سرزمين لاءِ ناسور آهن، جن جو مڪمل خاتمو وقت جي اهم ضرورت …
سنڌ جي وڏي وزير پاران بلوچستان ۾ مسافر بس تي دهشتگردن جي ٿيل حملي جي مذمت

مزید خبریں
ڪراچي-23 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ مسافر بس تي ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين ۽ مسافرن کي نشانو بڻائڻ بدترين وحشت ۽ ناقابلِ برداشت عمل آهي.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته دهشتگرد انسانيت ۽ سرزمين لاءِ ناسور آهن، جن جو مڪمل خاتمو وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اهڙن بزدلاڻن حملن سان قوم جو حوصلو ڪمزور نٿو ڪري سگهجي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حملي ۾ جان وڃائيندڙ شهرين جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.











